پ پ ضلع ملير جو اهم اجلاس ضلعي صدر ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي راجا عبدالرازق بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ملير جو اهم اجلاس ضلعي صدر ۽ رڪن سنڌ اسيمبلي راجਾ عبدالرازق بلوچ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي يومِ شهادت جي موقعي تي ٿيندڙ عظيم الشان جلسي جي تيارين کي آخري شڪل ڏني وئي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلع ملير جا ڪارڪن وڏن قافلن جي صورت ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪندا۔ ان موقعي تي جلسي جي انتظامن، ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي، ڪارڪنن جي رهنمائي ۽ ٻين تنظيمي معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي۔اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ضلع ملير جي سمورن عهديدار، اسيمبلي ميمبرن ، ٽائون چيئرمين، مڪاني نمائندن ۽ سينيئر اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شريڪ ڪئي ۽ 27 ڊسمبر جي جلسي کي تاريخي بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جو عزم ظاهر ڪيو۔راجا عبدالرازق بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي حقن ۽ جدوجهد جي روشن علامت آهن، ۽ هي جلسو انهن جي مشن سان تجديدِ عهد جو ڏينهن هوندو۔پارٽي قيادت يقين ظاهر ڪيو ته ضلع ملير مان وڏي پيماني تي شرڪت جلسي کي شاندار ڪاميابي بخشيندي۔
0 تبصرے