عمرڪوٽ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ تقريب منعقد

عمرڪوٽ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ تقريب منعقد

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)ايڪتا جي قومي عيد جي حوالي سان مختلف ثقافتي پروگرامن جو جوش ۽ جذبو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو۔ گورنمينٽ برانچ لوئر سيڪنڊري اسڪول حويلي ٺڪر ۾ ٽئين ڏينهن تي به هڪ رنگا رنگ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي۔تقريب ۾ اسڪول جي ٻارڙن شاعري، گيت، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري شاندار داد حاصل ڪيو۔آخر ۾ اسڪول جي استادن هيڊ ماستر دولت ڪمار مينگھواڙ، سينيئر استاد نيبراج سنگھ سوڍو، سڪندر آريسر، مڌن سنگھ سوڍو، نريندر سنگھ سوڍو، پرڪاش مينگھواڙ، جئه ڪمار مالهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي سڃاڻپ آهي۔هنن چيو ته سنڌي ميڊيا جو اهو وڏو ڪمال آهي، جنهن پوري قوم کي ايڪتا جي هڪ لڙي ۾ پويو آهي۔ سندن چوڻ هو ته ميڊيا پاران اعلان ڪيل ايڪتا عيد وڏي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيا۔