English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاھي ۾ ريلوي حدن اندر انڪروچمينٽ خلاف آپريشن ٻيهر شروع
199 views
|
09th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
آپريشن دوران ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، علائقي واسين جو سخت احتجاج
ٺٽو (ڊ ر)پاڪستان ريلوي اختيارين طرفان جنگشاھي ريلوي حدن اندر غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪجھ ڏينھن جي ٺاپر کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻھن جا گهر ڊاھي پٽ ڪياويا آھن ۽ اختيارين پاران انڪروچمينٽ جي حدن اندر ايندڙ ٻين اڏاوتن کي بہ ڊاھڻ ۽ آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي جنھن سان علائقي واسين۾ پريشاني وڌي وئي آھي. ريلوي اختيارين مطابق، هي قدم اھڙيون حد دخليون ختم ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جيڪي ريلوي جي آپريشنل سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻيل آهن.ريلوي ذريعن موجب جنگشاھي اسٽيشن ۽ ان جي ويجهڙائي واري علائقي ۾ سالن کان ريلوي جي ملڪيتن تي غيرقانوني گهر، دڪان۽ ٻيون اڏاوتون قائم ڪيون ويون هيون جيڪي ھاڻي ختم ڪيون پيون وڃن ،اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ريلوي زمين قومي امانت آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو قبضو يا اڏاوت سراسر غيرقانوني آهي. جيڪا ھر حال ۾ ڊاٿي ويندي. ڪجھ ڏينھن اڳ آپريشن دوران بخت علي جوکيو، ڊاڪٽر شير محمد جوکيو ۽ نظير احمد سميت ڪيترن ماڻهن جي ريلوي حدن اندر ٺهيل گهرن ۽ ڀتين کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ھو اڄ ٻيهر ڊي ايس ريلويز ڪراچي محمود لاکو جي ھدايت تي ڳوٺ سبزعلي خان بروهي ۾ انڪروچمينٽ خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو جنھن سان علائقي ۾ دھشت ڦھلجي ويئي ۽ ماڻھو پنھنجي پگھر پورھئي ۽ محنت مزدوريءَ سان ٺاھيل اجھا پنھنجي اکين آڏو ڊھندي ڏسي بي وسي مان ڳوڙھا ڳاڙھيندا رھيا پر مٿن ڪنھن کي بہ ڪھل نه آئي.ڳوٺاڻن شديد احتجاج ڪندي چيو ته وڏيرن ۽ بااثرن جي قبضن کي ڪير به ھٿ نٿو لاھي پر غريبن جي گهرن کي اڄ ڊاهي پٽ ڪري کين بي گھر ڪيو پيو وڃي.ھنن ڏوراپو ڏيندي چيو ته ھن وقت مقامي سياسي اڳواڻن سميت حد جي ايم پي اي، ايم اين اي سميت ڪوبه اسان وٽ اسان جا اجھا بچائڻ لاءِ ناھي آيو ، ھنن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن آپريشن روڪڻ ريلوي اختيارين لاء ناگزير آھي تہ پوء سرڪار اسان جي مدد ڪري آسان کي معاوضو ڏي ته اسان ٻي ڪنھن جاء تي پنھجا اجھا ٺاھي آباد ٿيون ,آپريشن کان متاثر ماڻهن سنڌ سرڪار ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ ھن معاملي ۾ مداخلت ڪري سندن واھر ڪئي وڃي.ٻي پاسي ريلوي انتظاميه واضح ڪيو آهي ته قومي ادارن جي زمين تي ٿيل حد دخليون ڪنهن به صورت برداشت نه ڪبيون، آپريشن سڀني علائقن ۾ بنا تفريق جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جنگشاھي ۾ ريلوي حدن اندر ا
0 تبصرے