ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ملير جي ٽرائي پيڪ خانگي ڪمپني ۽ سندس ٺيڪيدار ڪمپني، حسنين تنوير ايسوسيئيشن خلاف سخت احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. پارٽي اڳواڻن مطابق ڪمپني انتظاميا مزدورن سان غير انساني ۽ غير قانوني سلوڪ ڪري رهي آهي ۽ مقامي مزدورن کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي.گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس دوران، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، ملير جي چيف آرگنائزر ايڊوڪيٽ رضا علي سنديلو ۽ پارٽي جي ٻين ساٿين بدر باغي، اسد ابڙو ۽ شيراز علي سولنگي موجود هئا. ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته ٽرائي پيڪ ڪمپني ۾ 400 ملازمن مان اڍائي سئو ملازم اڳ ۾ ئي فارغ ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت فقط ڏيڍ سئو ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.ڊاڪٽر علي نواز گبول چيو ته ڪمپني انتظاميا وڌيڪ زيادتي ڪندي 33 محنتي نوجوان ملازمن سميت فيراز سولنگي کي بنا ڪنهن سبب جي نوڪرين مان خارج ڪيو آهي، جيڪو ناقابل قبول آهي. شيراز علي سولنگي جي مطابق ڪمپني طرفان تازو انهن جو ڪم ڪندڙ دروازو بند ڪيو ويو، جيڪو مزدورن خلاف ظلم جو مثال آهي.پارٽي اڳواڻن چتا ڏنو ته جيڪڏهن فوري طور تي شيراز سولنگي ۽ ٻين فارغ ڪيل ملازمن کي نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو، ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قانوني ۽ سياسي سطح تي جدوجهد ڪندي ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو ڏيندي.پريس ڪانفرنس دوران پارٽي اڳواڻن زور ڏنو ته مزدورن جا بنيادي حق تحفظ ۽ انصاف سان بحال ڪرڻ حڪومت ۽ ڪمپني انتظاميا جي ذميواري آهي. اهي عملي طور تي احتجاج جاري رکڻ ۽ ضلعي انتظاميا کي خبردار ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.
0 تبصرے