پ پ عمرڪوٽ جو اجلاس، شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان غور ويچار

اجلاس برھان الدين ڪنڀر جي صدارت ھيٺ ٿيو، سيد نجمي عالم جي خاص طور شرڪت

پ پ عمرڪوٽ جو اجلاس، شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان غور ويچار

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جو اهم اجلاس ضلع ڪائونسل ھال ۾ سينيئر نائب صدر برھان الدين ڪنڀر جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي سلسلي ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 40 بسن ۽ 200 ننڍين وڏين گاڏين تي مشتمل هڪ وڏو قافلو 26 ڊسمبر منجهند 3:00 وڳي سيد پيٽروليم سروس (واپڊا آفيس وٽان) ضلع صدر ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه جي قيادت ۾ روانو ٿيندو، جيڪو شھيد بي بي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندو، اجلاس ۾ ضلع جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس، نائب صدر حمزه شيراز مري، چئني تعلقن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، انفارميشن سيڪريٽرين، ذيلي ونگز ۽ سٽي جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اسپيشل اسسٽنٽ ٽو چيف منسٽر سنڌ سيد نجمي عالم خاص مهمان طور شريڪ ٿيو ۽ پارٽي جي سياسي حڪمت عملي، تنظيم سازي ۽ ضلعي سرگرمين تي خيالن جو اظهار ڪيو، سينيئر نائب صدر برھان الدين ڪنڀر اجلاس کي بريفنگ ڏيندي واضع ڪيو ته ورسي جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن ۽ عوامي شرڪت کي وڌيڪَ مؤثر بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي رابطا تيز ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز، ڊاڪٽر گھنشام داس، واحد سمون،ڏاتربخش، حبيب الله آريسر، قاسم ساند، حاجي حوت خان ٻٻر، شاھنواز جوڻيجو، نور محمد ولھاري، امين پلي، تلڇو ميگهواڙ ،عبدالله کوسو،نندلال ميگهواڙ، عباس رند، ڪانجي مل، گلزار سمون،ياور شاه، چيتن ڪولھي، پرديپ ڪمار ،سميت ڪيترن ئي تعلقن ۽ ذيلي ونگس جا عهديدار پڻ موجود هئا.