ملير: سڪڻ پوليس جي ڪارروائي ڀتي خوري ۽ ڦر ۾ ملوث خطرناڪ گينگ جو مک جوابدار گرفتار

ملير: سڪڻ پوليس جي ڪارروائي ڀتي خوري ۽ ڦر ۾ ملوث خطرناڪ گينگ جو مک جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سڪڻ پوليس خفيه اطلاع تي اهم ڪارروائي ڪندي ڀتي خوري، ڊڪيتي ۽ اسٽرٽ ڪرائم ۾ ملوث خطرناڪ گينگ کي وائکو ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب مختلف هنڌن تي لڳايل خاص پڪٽس دوران گينگ جي ماڻهن روڪڻ تي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ گينگ جو اهم ڪارندو سجاد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي شاهه مراد ۽ انور بلا بنا مزاحمت گرفتار ٿي ويا۔پوليس مطابق گرفتار سجاد ڀتي خوري، تاجرن ۽ بلڊرز کي پرچيون ڏئي رقم وصول ڪرڻ، ڊڪيتين ۽ سنگين وارداتن ۾ گهڻو وقت کان مطلوب هو۔ ملزمان ڀينس ڪالوني جي بيپارين ۽ کير جي هول سيل ڊيلرن کان به ڀتي وٺڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۾ ملوث رهيا آهن۔پوليس ڪارروائي دوران ملزمان جي قبضي مان 3 پسٽل، گوليون، موبائل فون، نقد رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي، جن کي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جي ٻين ڪارندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن، جڏهن ته گرفتار ٿيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔