English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ طرفان ورڪشاپ
59 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ قانوندان اقبال احمد ڏيٿو جي نگراني ۾ تربيتي ورڪشاپ ٿيو
ٺٽو(شفيق ڀٽي)سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ طرفان ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ماسٽر ٽرينر ۽ قانوندان اقبال احمد ڏيٿو جي نگراني ۾ هڪ روزه تربيتي ورڪشاپ جو انعقاد ٿيو.تفصيل موجب سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي سهڪار سان ضلعي ٺٽي جي پوليس لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ هڪ ڏينهن تي مشتمل تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.ورڪشاپ جي ماسٽر ٽرينر سينيئر قانوندان اقبال احمد ڏيٿو پوليس عملي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته تربيت جو بنيادي مقصد عورتن خلاف ھر قسم جي تشدد (GBV) ۽ Sindh Domestic Violence Act 2013 تحت پوليس جي پيشوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو آڻڻ آهي.ورڪشاپ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدابخش بھراڻي، چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مھرين اقبال، ڊي ايس پي وحيد بيگ لاڙڪ، انچارج ڊي آءِ بي ٺٽو انسپيڪٽر الله ڏنو شيخ، پي آر او ارشاد محمود کڏائي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جا آفيسر ۽ اهلڪار، جن ۾ عورت پوليس آفيسر به شامل هيون، شرڪت ڪئي.تربيت دوران GBV ۽ گهريلو تشدد بابت قانون، پوليس جون ذميواريون، متاثر عورتن سان اخلاقي ۽ مؤثر رابطي جا طريقا، FIR ۾ شاهدن جي تحفظ، ميڊيڪو ليگل ۽ سماجي ادارن سان ربط، مختلف ڪيس اسٽڊيز ۽ اسيسمينٽ تي تفصيلي آگاهي ڏني وئي.ان موقعي تي سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جا يعقوب بروهي، ارشاد جوڻيجو، حميـرا علي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي ماسٽر ٽرينر اقبال احمد ڏيٿو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏناويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عشق و محبت جي علامت حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا عليه السلام
02nd Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران: جڏهن عوام جو صبر ٽٽي پوي...؟؟
02nd Jan 2026
•
پاکستان
ترکیہ–پاکستان تعلیمی تعلقات میں مزید مضبوطی، ترک معارف فاؤنڈیشن کا کشمیر میں پہلا اسکول قائم کرنے کا فیصلہ
02nd Jan 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
3 جنوری 2026 کو سال کا پہلا سپر مون، سپارکو کا اعلان
02nd Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عشق و محبت جي علامت حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا عليه السلام
02nd Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران: جڏهن عوام جو صبر ٽٽي پوي...؟؟
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، رهواسي پريشان
02nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، لاش اسپتال منتقل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي ۾ سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن
پاڪستان پاورٽي ايليويش
0 تبصرے