شهرين مختلف کاتن جي عملدارن خلاف صوبائي صلاحڪار آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صوبائي صلاحڪار براءِ ڪچي آبادي سيد نجمِي عالم پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل عمرڪوٽ جي گرائونڊ ۾ هڪ شاندار ۽ عوامي کلي ڪچھرِي جو انعقاد ڪيو، هن عوامي کلي ڪچھري ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ميان خالد ولھاري، سينيئر نائب صدر پ پ پ ضلع عمرڪوٽ برھان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھمشام داس راٺوڙ، وڏي تعداد ۾ شهرين، صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف کاتن جا آفيسر پڻ شریڪ ٿيا، ان موقعي تي کلي ڪچھرِي دوران سيد نجمي عالم عوام سان سڌي ملاقات ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد ماڻهن جي گھرن جي درن تي پهچي سندن مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو فوري ۽ عملي حل مهيا ڪرڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت جي مشن تي عمل ڪندي، هر ننڍي وڏي مسئلي جي حل لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ضلع عمرڪوٽ جي 42 کان وڌيڪ ڪچي آبادیُن کي باقاعده لِيز ڏيڻ جو اهم ۽ تاريخي اعلان ڪيو، جنهن کي عوام طرفان ڀرپور ساراهه ملي، هن واضع ڪيو ته ڪچي آباديءَ ۾ رهندڙ خاندانن کي قانوني مالڪاڻا حق ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان موقعي تي کلي ڪچھرِي ۾ آيل شهرين پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، ميونسپل خدمتن جي گهٽتائي، صحت جون اڻپوريون سهولتون، سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، وڌندڙ منشيات جي خاتمي، ڀڳل روڊن، ٽرئفڪ پوليس جي ڪمزوريءَ سميت ڪيترن ئي عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪئي، ان موقعي تي شهرين پاران مختلف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جن تي صوبائي صلاحڪار متعلقہ کاتن جي آفيسرن کي موقع تي ئي ضروري هدايتون جاري ڪيون ۽ مسئلن جي فوري حل جو حڪم ڏنو، هن موقعي تي مختلف کاتن جا آفيسر عوامي سوالن جا جواب ڏيندا رهيا ۽ ڪيترين ئي شڪايتن جي حل لاءِ انھي ئي وقت ٽيمون پڻ ٺاهي موڪليون ويون، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ڪچي آبادي سيد نجمي عالم عوام کي يقين ڏياريو ته سڀني شڪايتن جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ۽ جلد انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، آخر ۾ شهرين صوبائي حڪومت جي هن عوام دوست قدم کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون عوامي رابطي واريون سرگرميون جاري رهنديون ته جيئن مسئلا وڌيڪ تيزيءَ سان حل ٿين ۽ حڪومتي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگهي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، سيد ساجد علي شاھ، عبدالله کوسو، سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.
0 تبصرے