گرفتار ٿيلن ۾ سجاد ملاح، فيضان مارواڙي، واحد بروهي ۽ ٻيا شامل
ٺٽو(ڊ ر) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون 6 گٽڪا وڪرو ڪندڙ، 5 منشيات فروش ۽ 1 ڏوهاري سميت 12 جوابدار گرفتار، 745 پڙيون گٽڪا ماوا، 550 گرام چرس، 90 بيگ ديشي شراب ۽ 1 پسٽل برآمد، ڪيس داخل 1 چوري ٿيل موٽر سائيڪل اصل مالڪ حوالي ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن جي روشني ۾ ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تحت، ٿاڻن مڪلي، ڪينجهر، ٺٽو ۽ ساڪرو پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪندي 6 گٽڪا فروش جوابدار سجاد ولد ڪريم بخش ملاھ، فيضان علي ولد گل رحمان مارواڙي، عبد الواحد ولد مير دوست بروهي، مشتاق احمد ولد عبدالڪريم ھالو، سڪندر علي ولد محمد سليم واريو ۽ گلزار علي ولد يار محمد واريو کي گرفتار ڪيو. ان کان علاوه 5 منشيات فروش جوابدار رشيد ولد خدا بخش خاصخيلي، سيفل ولد ڪريم بخش ملاھ، احمد ولد صديق ملاھ، رمضان ولد اگاريئو ملاھ، مسمات رابعه زوجہ گلي شاهه ۽ 1 ڏوهاري امتيار علي ولد لکادنو کيرو کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان 745 پڙيون گٽڪا ماوا، 550 گرام چرس، 90 بيگ ديشي شراب ۽ 1 پسٽل برآمد ڪري، جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي نارڪوٽڪس ايڪٽ، منشيات آرڊيننس ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ مڪلي پوليس پاران چوري ٿيل سپر پاور موٽر سائيڪل برآمد ڪري، جاچ ۽ تصديق بعد اصل مالڪ شوڪت خاصخيلي حوالي ڪئي وئي.
0 تبصرے