عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت پاران اٽي جي چڪي مالڪن کي سبسڊي طور ڪڻڪ فراهم ڪرڻ کان پوءِ سستو اٽو عوام کي مهيا ٿيڻ لڳو، تفصيلي رپورٽ موجب سامارو ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان اٽي جي چڪي مالڪن کي سبسڊي طور ڪڻڪ فراهم ڪرڻ کان پوءِ تعلقه انتظاميه سان سهڪار ڪندي اٽي جي چڪي مالڪن عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجِي ڪمار ترڪيو جي نگراني هيٺ اٽي جي چڪي مالڪ محمد عرفان آرائين پاران اٽو 90 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي عوام دوست قدمن تحت سبسڊي تي فراهم ڪيل ڪڻڪ جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ لاءِ تعلقه انتظاميه سامارو سرگرم نظر اچي رهي آهي، جڏهن تہ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ پاران اٽي جي چڪي مالڪن کي واضح هدايتون ڏنيون ويون هيون ته سرڪاري سبسڊي جو مڪمل فائدو عام شهرين تائين منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي ۽ اٽي جي چڪي مالڪ محمد عرفان آرائين تعلقه انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪندي سستو اٽو وڪرو ڪرڻ جو آغاز ڪيو آهي، جنهن سان مهانگائي کان پريشان عوام کي وڏو رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ شهرين سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميه جي ان قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو سلسلو مستقل بنيادن تي جاري رکيو ويندو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي مطابق سبسڊي جو فائدو هر حالت ۾ عوام تائين پهچايو ويندو ۽ ڪنهن به اٽي جي چڪي مالڪ کي سرڪاري مقرر ڪيل اگهه کان وڌيڪ قيمت وصول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ھن واضح ڪيو ته خلاف ورزي جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته 90 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽي جي فراهمي سان روزمرهه خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ غريب توڙي وچولي طبقي کي وڏو فائدو حاصل ٿيندو.
0 تبصرے