ڏوڪري ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي جي نگراني ۾ آپريشن

آپريشن دوران 30 کان وڌيڪ دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا

ڏوڪري ۾ حددخلين ۽ قبضن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي جي نگراني ۾ آپريشن

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ وڌندڙ غيرقانوني حددخلين ۽ سرڪاري ملڪيتن تي قبضن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي جي اڳواڻي ۾ روينيو، ميونسپل ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪندي شھر جي مين بازار، ڀٽائي بازار، شاھي بازار، ريشم گلي، پريم بازار، مهراڻ چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي دوڪانن آڏو قبضا ڪري ٺاهيل 30 کان وڌيڪ دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جڏھن ته مانڊيون، صندل ۽ ريڙھا ڊوزر ۽ ٽريڪٽر تي کڻائي مختيارڪار آفيس منتقل ڪيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل حڪم نامي ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو جي ھدايتن تي ڏوڪري تعلقي اندر بنا ڪنهن فرق جي حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي. ھن چيو ته ڏوڪري ۽ باڊھ ۾ وڌندڙ حد دخلين سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ سميت شھرين کي تمام گھڻين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنھن سبب حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪئي آھي.