محمد هارون پرائمري اسڪول کڏائي محلي جو دورو ڪري اتان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون جي شڪايت تي محمد هارون، ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ سنڌ ٺٽو، اڄ پنهنجي ٽيم سميت گورنمينٽ پرائمري اسڪول کڏائي محلي جو دورو ڪيو ۽ اتي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ڊائريڪٽر محتسبِ سنڌ ٺٽو کي شڪايت بابت اصل حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويو۔دوري دوران ٻڌايو ويو ته سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام تحت مذڪوره اسڪول سميت ٺٽي ضلعي جي ٻين پنجن اسڪولن جا ٽينڊر جاري ڪيا ويا هئا، پر ٺيڪيدارن اسڪولن جون پراڻيون عمارتون ڊاهي لوھ ۽ پٿر وڪڻي ڇڏيا ۽ نئين تعمير مڪمل ڪرڻ کانسواءِ عمارتن کي خستہ ۽ اڌوري حالت ۾ ڇڏي هليا ويا، جنهن سبب تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن۔ان موقعي تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول کڏائي محلي جي هيڊ ماستر آفتاب محمود کڏائي ڊائريڪٽر محتسبِ سنڌ ٺٽو کي ٻڌايو ته هن وقت اسڪول فقط هڪ ئي ڪمري ۾ هلي رهيو آهي، جيڪو به انتهائي زبون حالت ۾ آهي۔ هن چيو ته اسڪول جي ابتر عمارت سبب شاگردن جي داخلا تي منفي اثر پيو آهي، والدين عمارت جي حالت ڏسي پنهنجن ٻارن کي هتي داخل ڪرائڻ کان لنوائن ٿا۔ جتي اڳ شاگردن جو تعداد سون ۾ هوندو هو، هاڻي اهو گهٽجي ڏهاڪن ۾ رهجي ويو آهي۔ڊائريڪٽر محتسبِ سنڌ ٺٽو محمد هارون ان موقعي تي يقين ڏياريو ته هو لاڳاپيل ادارن ۽ ذميوارن سان فوري رابطو ڪري اسڪول جي عمارت جي تعميراتي عمل کي يقيني بڻائيندو۔ هن وڌيڪ چيو ته هن سنگين غفلت ۽ بدانتظامي ۾ ملوث ذميوار فردن خلاف ضرور ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ علائقي جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل هر صورت محفوظ بڻايو ويندو۔دوري جي موقعي تي ڊائريڪٽر محتسبِ سنڌ ٺٽو سان گڏ محمد حنيف پنھور اسسٽنٽ رجسٽرار محتسب آفيس ٺٽو، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ميڊم زينب، ايگزيڪٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ٺٽو فيض علي رند، آخوند براديه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر عاشق ميمڻ سميت تعليم ۽ تعميراتي کاتي سان لاڳاپيل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا۔
0 تبصرے