ملير: سب ڊويزن مراد ميمڻ ۾ حد دخلين جي خاتمي لاءِ آپريشن

اسسٽنٽ ڪمشنر انيس احمد عباسي پاران آپريشن جي نگراني ڪئي وئي

ملير: سب ڊويزن مراد ميمڻ ۾ حد دخلين  جي خاتمي لاءِ آپريشن

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪميشنر ملير سميع الله شيخ جي هدايتن تي سب ڊويزن مراد ميمن ۾ تجاوزات جي خاتمي جو آپريشن جاري آهي. هن ان سلسلي ۾ ملير 15 جي علائقي ۾ ٿيندڙ آپريشن جي نگراني اسسٽنٽ ڪميشنر سب ڊويزن مراد ميمن انيس احمد عباسي ڪري رهيا آهن. انهن ٻڌايو ته هن دوران اهي تجاوزات هٽائيون پيون وڃن جيڪي خطري واريون يا وڏي نقصان ڏيندڙ نه آهن، پر شهري ماحول ۽ عوامي سهولتن ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهيون هيون.آپريشن دوران لاڳاپيل محڪمن جي اهلڪارن ۽ مقامي اختيارين جي ٽيم موجود رهي، ۽ شهرين کي اڳواٽ اطلاع ڏني وئي ته ڪارروائي دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا نقصان کان بچي سگهجي. مقامي اڳواڻن ۽ شهرين هن قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته هي اپاءُ شهر جي ترقي ۽ عوامي مفاد لاءِ انتهائي ضروري آهي.اسسٽنٽ ڪمشنر انيس احمد عباسي وڌيڪ چيو ته آپريشن مرحليوار جاري رهندو ۽ سڀني غير قانوني قبضن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ علائقي ۾ پائيدار شهري منصوبابندي کي يقيني بڻايو ويندو. هن شهرين کان اپيل ڪئي ته پنهنجن قانوني حقن ۽ نجي ملڪيت جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان تعاون ڪن.ڊپٽي ڪميشنر سميع الله شيخ به هن آپريشن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تجاوزات جي روڪٿام شهري زندگي جي سهولت ۽ عوامي نظم و ضبط لاءِ بنيادي قدم آهي، ۽ لاڳاپيل محڪما هي يقيني بڻائين ته هي ڪارروائي مؤثر ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ٿئي.