جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي (رجسٽرڊ) پاران مرڪزي باڊي جو اعلان

مياں عامر علي مرڪزي صدر، محمد آصف قائمي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سميع الله عثماني مرڪزي فنانس سيڪريٽري چونڊجي ويا

جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي (رجسٽرڊ) پاران مرڪزي باڊي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي (رجسٽرڊ) جي مرڪزي باڊي 2026 جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تي دنيا ڀر جي سڀني چيپٽرز مرڪزي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي (رجسٽرڊ) پاران تنظيم جي مرڪزي باڊي براءِ سال 2026 جي قيام جو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي. هي مرڪزي باڊي دنيا ڀر ۾ قائم جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي جي سڀني چيپٽرز جي صلاح مشوري، اعتماد ۽ متفقه حمايت سان جوڙي وئي آهي. تنظيم جي نئين مرڪزي قيادت ۾ مياں عامر علي (برطانيه) کي مرڪزي صدر، محمد آصف قائمي (پاڪستان) کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سميع الله عثماني (پاڪستان) کي مرڪزي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته وومين وِنگ جي مرڪزي صدر جون ذميواريون حميـره ثناء (برطانيه) حوالي ڪيون ويون آهن. مرڪزي باڊي ۾ پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سينيئر، سرگرم ۽ پيشاور صحافين کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن تنظيم کي عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط، مؤثر ۽ فعال بڻائي سگهجي. مرڪزي باڊي ۾ چيف ڪوآرڊينيٽر شاهين بٽ (برطانيه)، سينيئر نائب صدور امان الله کوکر (پاڪستان)، محمد بلال قريشي (پاڪستان)، نائب صدور نعيم خان (پاڪستان)، رانا عظيم (سعودي عرب)، ممتاز منير سهوتره (اسپين)، مير مختار مير (هالينڊ)، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عامر ڪفايت (پاڪستان)، انفارميشن سيڪريٽريز سيد علي عمران نقوي (پاڪستان)، گل محمد لغاري (پاڪستان)، جوائنٽ سيڪريٽريز شبير احمد اعوان (پاڪستان)، محمد اقبال قائمخاني (پاڪستان)، ڊپٽي سيڪريٽري ملڪ ظفر اقبال (پاڪستان)، آفيس سيڪريٽري عامر حيات (پاڪستان) ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبرز محمد خرم قادري (پاڪستان)، سلمان جاويد چوڌري (پاڪستان)، رانا شاهد خليل (پاڪستان) ۽ محمد شمعون نذير کوکر شامل آهن. هي مرڪزي باڊي صحافت، صحافين جي حقن، آزاديِ اظهار ۽ فلاحي مقصدن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. دنيا ڀر ۾ قائم سڀني چيپٽرز، جن ۾ برطانيه، يورپ، وچ اوڀر ۽ پاڪستان شامل آهن، مرڪزي باڊي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئين قيادت صحافي برادري جي مسئلن جي حل، تنظيمي نظم و ضبط، بين الاقوامي لاڳاپن ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کڻندي. مرڪزي قيادت هن موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان/يوڪي (رجسٽرڊ) کي هڪ مضبوط، متحد ۽ عالمي سطح تي مؤثر صحافتي پليٽ فارم بڻايو ويندو، جتي صحافين جي حقن، عزت ۽ وقار جو هر حالت ۾ تحفظ ڪيو ويندو.