سجاول ۾ واپاري ۽ وڪيل ۾ تڪرار وڌي ويو

سجاول ۾ واپاري ۽ وڪيل ۾ تڪرار وڌي ويو

سجاول (رپورٽر)سجاول ۾ واپاري ۽ هڪ وڪيل جو جھيڙو شدت اختيار ڪري ويو. 20 ڏينهن اڳ ATM تي واپاري نواز ميمڻ ۽ وڪيل لياقت علي جماري وارو مامرو ٿيڻ کانپوء وڪيل لياقت جماري شھر جي تقريبن 12 واپارين تي سول جج جي عدالت ۾ وياج جو الزام هنيو آهي ان جي تاريخ تان موٽندي واپاري اڳواڻن پ پ ضلعي سجاول جو اڳوڻون صدر ارباب وزير ميمڻ سميت سورج سجاولي پريس ڪلب ۾ پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي واپاري حافظ رياض ميمڻ غلام رسول زئور حاجي اسلم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته واپاري نواز ميمڻ سان ناانصافي ڪندڙ وڪيل لياقت جماري پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ھن جي خلاف پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري ۽ شريف معزز شھرين تي ڪوڙا الزام لڳايا اٿس اسان هاء ڪورٽ تائين هن کي ڪونه ڇڏينداسين ٻي طرف وڪيل لياقت جماري سان رابطو ڪيو ان چيو ته مون ڪنهن معزز واپاري تي پٽيشن داخل نه ڪئي آهي مون وياج خورن تي پٽيشن داخل ڪئي انهن جا ثبوت موجود آهن.