ٺٽي ضلعي ۾ تعليم کاتي جي دعوائن جي ابتڙ، پرائمري اسڪول کنڊر بڻيل

ٺٽي ضلعي ۾ تعليم کاتي جي دعوائن جي ابتڙ، پرائمري اسڪول کنڊر بڻيل

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي ۾ تعليم کاتي جي دعوائن جي ابتڙ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالله شاهه اصحابي گذريل چار سالن کان مڪمل طور کنڊر بڻيل آهي، جنهن سبب علائقي جا سوين ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم آهن۔برساتن دوران اسڪول جي عمارت ڊهي پوڻ کان پوءِ اڄ تائين نه ڪا تعمير ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي تدريسي عمل بحال ٿيو آهي۔عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين جي ٽيم جڏهن اسڪول جو دورو ڪيو ته عمارت جي حالت ڏسي دنگ رهجي وئي۔ايس ايم سي چيئرمين ۽ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته چار سالن کان سياسي، سماجي ۽ سرڪاري ڌرين کي اپيلون ڪيون پيون وڃن، ايجوڪيشن ورڪس کاتي سان لک پڙهه به ڪئي وئي، پر اڃا تائين ڪوبه عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔تعليم کاتي موجب، اسڪول جي زبون حالي سبب شاگردن ۽ اسٽاف کي ڀر واري ڳوٺ مصري خان سرڪي ۾ قائم اسڪول منتقل ڪيو ويو آهي، جتي حالتون وڌيڪ خراب نظر آيون۔صحافين جي دوري دوران معلوم ٿيو ته ٻه ڪمرن تي مشتمل اسڪول ۾ نه فرنيچر موجود آهي، نه صاف پاڻي، نه واش روم ۽ نه ئي بائونڊري وال۔اسڪول ۾ مقرر اٺن ڄڻن جي اسٽاف مان صرف هڪ استاد موجود هو، جڏهن ته باقي عملي جي غير حاضري تي ڪو به جواب نه ملي سگهيو۔ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي سب انجنيئر موجب، اسڪول جي مرمت بابت درخواست فائيل ۾ موجود آهي، پر گذريل ٽن سالن کان ڪا به نئين اسڪيم نه هجڻ سبب ڪم رڪيل آهي۔ٺٽي شهر جي ويجهو واقع هڪ سرڪاري اسڪول جو چار سالن تائين بند رهڻ، متبادل اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ عملي جي غير حاضري تعليم کاتي جي ڪارڪردگي ۽ بائيو ميٽرڪ سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ٿي۔علائقي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين وزير تعليم سردار شاهه، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي، تدريسي عمل بحال ڪيو وڃي، جيئن معصوم ٻارن جو مستقبل بچائي سگهجي۔