ثمره فائونڊيش پاران مزار خان جوکيو ڳوٺ درساڻوڇنو ۾ مفت طبي قائم

شوگر،بلڊ پريشر،ھيپاٽائٽس ٽي بي ۽ ٻين بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو علاج ڪيو

ثمره فائونڊيش پاران مزار خان جوکيو ڳوٺ درساڻوڇنو ۾ مفت طبي قائم

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) سماجي اداري ثمره فائونڊيشن پاران ڪراچي ملير جي علائقي مزار خان جوکيو ڳوٺ درساڻو ڇنو ۾ ھڪ روزه مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنھن۾ شوگر،بلڊ پريشر،ھيپاٽائٽس ٽي بي ۽ٻين بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪئي مريضن کي مفت دوائون ڏنيون ويون مختلف مرضن جون مفت ٽيسٽون ڪيون ويون انھي موقعي تي ثمره فائونڊيشن جي صدر اعجازعلي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته اسانجي اداري جو مقصد ،مشن انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آھي ھن چيو ته ھن مھنگائي جي دور ۾ غريب ماڻھن جي وس ۾ نه ته ڪو پنھنجو علاج ڪرائي سگھن تنھنڪري پس مانده علائقن اھڙين طبي ڪئمپن جي لڳائڻ جي سخت ضرورت آھي مريضن کي دوائن سان گڏ انھن کي بيمارين کان بچڻ لاء مشوره به ڏنا ويا ته بيمارين ڪيئن پاڻ کي پنھنجي گھر وارن کي بچائي سگھجي ٿو ھن چيو ته صحت آھي ته سڀ ڪجھ آھي ھن چيو ته ھن ڪامياب ڪرائڻ عوام ۾ سڄاڳي آڻڻ بھترين تعاون ڪرڻ لاء زينب اختر نائب صدر ثمره فائونڊيشن ڊاڪٽر صدف اقبال رابعه سحر،ڊاڪٽر سڪينه (الطبري سرجري ڊپارٽمينٽ )فاطمه جمال ميموريئل ھيلٿ فائونڊيش ،چغتائي ليب جھان زيب عبدالله محمد اسلم ثمره فائونڊيشن جي مزار خان ڳوٺ شفيق احمد جوکيو رجب علي جوکيوجي تعاون سان طبي ڪئمپ ڪاميابي سان اختتام پزير ٿي جنھن ۾لڳ ڀڳ 200 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو کين مفت دوائون چيڪ آپ ٽيسٽون ڪيون ويون