عمرڪوٽ(ڊ ر) انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان پاران سائين گل محمد شاھ رح ۾ محفل هديه ڪثرتِ درود پاڪ جو پروگرام منقعد ڪيو ويو، جنهن ۾ انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندريءَ "مون ڇا ڏٺو مون ۾" جي عنوان تحت پنهنجي روحاني ۽ اصلاحي خطاب دوران چيو ته، سڌي واٽ اختيار ڪرڻ سان نه رڳو فرد جي ذات سنورجي ٿي، پر سڄو سماج به ترقي، امن ۽ سڪون جي واٽ تي گامزن ٿئي ٿو. اهڙي فڪري روش سان معاشري ۾ ذميواريءَ جو احساس، انصاف جي بالادستي ۽ باهمي هم آهنگي جنم وٺي ٿي، جيڪا ڪنهن به صحتمند ۽ مضبوط سماج جي تعمير لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. سائين وڌيڪ چيو ته، جنهن فرد پنهنجي اندروني وجود، خواهشن ۽ نيتن کي سڃاڻي پنهنجي ڪردار جي اصلاح ڪئي، تنهن نه رڳو ذاتي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر سماج جي بهتري، امن ۽ باهمي هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. پروگرام ۾ ڪروڙين درودِ پاڪ ۽ ختم القرآن جا تحفا پيش ڪري عالمِ اسلام ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خصوصي دعائون پڻ گھريون ويون. تقريب ۾ پروفيسر شاھ جھان پنهور، عبدالعزیز پنهور، سعيد انور پنهور، ولي الله پنهور، محرم علي پنهور، چيئرمين محمد الياس سولنگي، حميد پنهور، مصري فقير شورو، احمد علي خاصخيلي، برادي پنهور، اعجاز مستوئي، حنيف بوزدار، ابوبڪر ھنڱورو، لائق برفت ۽ چنيسر برفت ۽ ٻيا پڻ شامل هئا.
0 تبصرے