ملير: حسن شاه درگاهه ٻيٽ تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو مطالعاتي دورو ، رٿا تڪراري قرار

انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاه، حفيظ بلوچ ۽ ٻين پاران وفاق کان تڪراري رٿا ختم ڪرڻ جو مطالبو

ملير: حسن شاه درگاهه ٻيٽ تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو مطالعاتي دورو ، رٿا تڪراري قرار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي سمنڊ ڪناري تاريخي حسن شاه درگاهه ٻيٽ تي وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل تڪراري رٿا خلاف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين سميت ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ ٻيٽ تي پهچي مطالعاتي دورو ڪيو. دوري جو مقصد رٿا سبب مقامي آبادي، ماهيگيرن، ماحول ۽ تاريخي ورثي تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ هو. ان موقعي تي انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاه، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، ملير جي سرگرم سماج سڌارڪ سليم سالار ۽ نامياري ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي بريفنگ ڏيندي وفاقي حڪومت کان تڪراري رٿا فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ان موقعي تي انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاه جو چوڻ هو ته حسن شاه درگاهه ٻيٽ اسان جي تاريخ، عقيدي ۽ مقامي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي. هن ٻيٽ جي 530 ايڪڙ زمين آهي جڏهن درگاھ حسن شاہ 800 سال پراڻي آهي هتي ماهيگير روزگار حاصل ڪري رهيا آهن پر بغير مقامي ماڻهن جي رضامندي جي ڪا به وفاقي رٿا لاڳو ڪرڻ آئين ۽ انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته هي تڪراري رٿا فوري طور ختم ڪئي وڃي. الائنس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ چيو ته هي رٿا ترقي جي نالي تي مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ٻيٽ جو ماحولياتي نظام انتهائي نازڪ آهي، جيڪڏهن هي منصوبو لاڳو ٿيو ته ماهيگيرن جو روزگار ۽ سمنڊ جي حياتيات کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو.ملير جي سرگرم سماج سڌارڪ سليم سالار چيو ته اسان ترقي جا مخالف ناهيون، پر اهڙي ترقي جيڪا مقامي ماڻهن کي ختم ڪري ڇڏي، اها ترقي نه پر قبضو آهي. حسن شاه ٻيٽ کي مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيو وڃي. نامياري ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي چيو ته هي ٻيٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارو سمنڊ صدين کان ماهيگيرن جو روزگار رهيو آهي. جيڪڏهن هي رٿا لاڳو ٿي ته هزارين ماهيگير بيروزگار ٿي ويندا. اسان پنهنجي روزي، ڌرتي ۽ سمنڊ جي حفاظت لاءِ هر سطح تي جدوجهد ڪنداسين.شرڪت ڪندڙ صحافين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته حڪومت کي گهرجي ته مقامي ماڻهن جي آواز ٻڌي، ٻيٽ تي ڪنهن به قسم جي تعمير کان اڳ شفاف مشاورت ڪري ۽ حسن شاه درگاهه جي تقدس ۽ تاريخي حيثيت کي برقرار رکيو وڃي.مطالعاتي دوري جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ٻيٽ تي ريلي ڪڍي تڪراري رٿا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت رٿا واپس نه ورتي ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.