سوري sorry، هڪ ننڍڙو لفظ

حبيب ٽالاڻي

سوري sorry، هڪ ننڍڙو لفظ

سوري sorry جيڪو ھڪ ننڍڙو لفظ آھي جنھن ۾ صرف چار اکر اچن ٿا س، و،ر ۽ ي جيڪڏھن ان لفظ کي انگريزي ۾ لکون ته پوء ان لفظ ۾ ھڪ اکر جو اضافو ٿئي ٿو يعني ان ۾ پنج اکر اچي ٿا وڃن ھن لفظ جي معني آھي معذرت ڪا به غلطي ٿيڻ تي ڪو به شخص ھڪدم پنھنجي ڪيل غلطي محسوس ڪندي ٻئي شخص کي سوري sorry چوندو آھي ته اھڙي عمل سان غلطي جي صورت ۾ امڪاني طور تي پيدا ٿيندڙ ڪنھن به قسم جي ڇڪتاڻ جو پيدا ٿيڻ وارو امڪان بلڪل ختم ٿي ويندو آھي لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ ته sorry ھڪ تمام نڍڙو ۽ سادو لفظ آھي پر يقين ڪيو ته اسان جي ملڪ جي سڄي سياست کي ان ننڍڙي ۽ سادي لفظ sorry جي ڪري بريڪ لڳل آھي ۽ ڪجھ سالن کان وٺي ملڪي سياست ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿيل آھي اھڙي ماحول جي ڪري ھرروز آئين ۾ تبديليون ٿين ٿيون قانون ۾ تبديليون ٿين ٿيون پراڻا قانون ختم ته وري نوان قانون ٺھن ٿا نه قانون ٺھڻ جي خبر پوي ٿي نه وري ڊھن جي ڪا خبر رات جو سمھون ٿا صبح جو اٿون ٿا ته خبر پوي ٿي ته ڪونئون قانون لاڳو ٿي ويو آھي نه ملڪي حالتون سمجھ ۾ اچن ٿيون نه وري وقت جي حڪومت جا فيصلا ٿا سمجھ ۾ اچن ھڪ ڏينھن عوام کي ھڪ راڳ ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻئي ڏينھن وري نئون سج نئون ٻج واري حالت لڳي پئي آھي ملڪ ۾ نه مڪمل سياسي آزادي نظر اچي پئي نه وري ڪا اظھار جي مڪمل آزادي آھي اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا سنسر شپ جي آزار ۾ سوشل مييڊيا تي پابنديون سياست ۾ تنقيد برداشت ڪرڻ وارو سھپ ختم حقيقت پسندي ختم سياسي مخالفت ذاتيات تي پھتل ھر پاسي ھر وقت وٺ وٺان لڳي پئي آھي ملڪ ۾ پرڏيھي سيڙپ ڪاري وڌڻ واري ڳالھ کي ته ڇڏيو ملڪ اندر موجود صنعت ۽ سيڙپ به الوداع ٿي رھي آھي ٽئڪس ۽ توائي جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ جي ڪري ڪجھ صنعتون ھتان شفٽ ٿي رھيون آھن ھڪ پاسي ته ھر روز پرڏيھي سيڙپ ملڪ ۾ اچڻ جون دعوائون پيون ٿين ته ٻئي پاسي حالت اھا آھي ته ملڪ ۾ موجود صنعتون به ٻاھر منتقل ٿيڻ جا اعتراف پيا ٿين بيانن ۾ تضاد پاليسين ۾ تضاد سمجھ ۾ نه ايندڙ سياست ۽ فيصلا ھر پاسي ھر شعبي ۾ وٺ وٺان روز نوان مسئلا روز نئون آزار حڪومت پاڻ پريشان عوام پاڻ پريشان ته مخالف ڌر پاڻ پريشان اصل ۾ موجودا سڀني ملڪي حالتن جو ذميوار اسان جي ملڪ جي سياست ۽ سياستدان توڙي اسٽيبلشمنٽ آھي سياست ۾ سياسي ڌرين توڙي ملڪي اسٽيبلشمنٽ کان غلطيون به ٿينديون آھن سياست ۾ اسٽيبلشمنٽ جو ذڪر ان ڪري ڪيون ٿا ته اھو ھڪ اڻوڻندڙ سچ آھي ته اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمنٽ کي سياست کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي اسان وٽ جمھوريت ھجڻ باوجود به اسان جي ملڪي جمھوريت ۽ سياست اسٽيبلشمنٽ آڏو جوابده بڻيل آھي ھن وقت اسان وٽ ملڪ جي سياست ۾ جيڪا بي چيني انتشار ۽ غير جمھوري رويا اسان ڏسي رھيا آھيون جنھن جي ڪري اسان جو ھي ملڪ نه سياسي بحرانن مان ٻاھر نڪري پيو ۽ نه وري معاشي بحران ختم ٿيڻ جو نالو وٺن ٿا ته ان پويان اصل سبب ملڪ ۾ ڪجھ سالن کان ھلندڙ انتشار واري سياست آھي جنھن ۾ نواز ليگ پي ٽي آئي ۽ اسٽيبلشمنٽ سڌي طرح ملوث آھن توڙي جو ملڪي سياسي ماحول کي بھتر ڪرڻ جي ڳالھ ته پي ٽي آئي نوازليگ ۽ اسٽيبلشمنٽ پڻ ڪري ٿي پر سڄي ڳالھ اچي پنھنجي سياسي غلطي تسليم ڪري سوري sorry چوڻ تي اٽڪي بيھي ٿي رھي نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمنٽ جي اڄ به اھا خواھش آھي ته باني پي ٽي آئي 9 مئي واقعن تي قوم کان معافي وٺي مطلب ته سوري چوي ٻئي پاسي عمران خان آھي جيڪو ڪنھن به قيمت تي سوريsorry چوڻ لاء تيارناھي جنھن جي ڪري ملڪي سياست کي بريڪ لڳل آھي توڙي جو ھاڻي ملڪ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالھيون ڪرڻ واريون سرگوشيون ٻڌون پيا پر ان ۾ ان وقت تائين ڪاخاص اڳڀرائي ممڪن ناھي جيس تائين باني پي ٽي آئي عمران خان نوازليگ ۽ اسٽيبلشمنٽ پنھنجي پنھنجي ڪيل غلطي تسليم ڪندي ھڪ ٻئي کي سوري نٿا چون عمران خان پنھنجي دور اقتدار ۾ نواز ليگ اڳواڻن نوازشريف شھبازشريف مريم نواز راڻا ثناالله پيپلزپارٽي جي آصف زرداري فريال ٽالپر شرجيل ميمڻ مرحوم آغا سراج دراني سميت مختلف اڳواڻن کي گرفتار ڪرائڻ توڻي اقتدار کان ٻاھر ٿيڻ بعد 9 مئي واقعن سميت ماضي ۾ ڪيل پنھنجي ٻين غلطين کي تسليم ڪندي سوري چوڻ لاء تيار ناھي ۽ وري عمران خان واري نقش قدم تي ھلندي شھباز شريف به عمران خان سندس گھر واري ۽ پي ٽي آئي جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن جي سياسي بنيادن تي ٿيندڙ گرفتارين ۽ سياسي ڪيسز داخل ٿيڻ تي به سوري چوڻ لاء تيار ناھي ۽ نه وري ان سڄي سياسي ويڙھ ۾ ڪڏھن پي ٽي آئي ۽ ڪڏھن نوازليگ جو ڪلھو ٺپيندڙ اسان جي اسٽيبلشمنٽ پنھنجي اھڙي ڪردار تي سوري sorry چوڻ جي موڊ ۾ آھي ٽئي ڌريون ملڪ ۽ قوم جي مفادن خاطر ماضي جي تلخ حقيقتن کي وسارڻ بدرن انا پرستي واري رستي تي ھلي رھيون آھن ٽئي ڌريون ھڪ ٻئي کان سوري sorry لفظ ٻڌڻ جي خواھش ته رکن ٿيون پر پنھنجي ڪيل غلطين کي تسليم ڪندي سوري چوڻ لاء تيار ناھن ڪنھن کي 2018 جي اليڪشن بابت شڪوائون آھن ته ڪنھن کي 2024 جي چونڊن تي اعتراض ڪنھن کي فارم پنتاليھ ته وري ڪنھن کي فارم ستيتاليھ جي ڳڻتي ته ڪنھن جي ڪوشش اقتدار جي ڊيگھ ڏيڻ تي آھي ته وري ڪنھنجيون اکيون ايندڙ عام چونڊن تي ھر پاسي ھر ڪوشش اول توڙي آخر صرف اقتدار آھي اھڙي سياست ڪردار ۽ سوچ اسان جي ملڪ قوم ۽ قومي ادارن کي ھن صورتحال تي پھچايو آھي جتي سياست مفادن واري راند روند بڻجي وئي آھي ان اقتداري راند جي کلاڙين وچ ۾ شروع ٿيل ويڙھ جي ڪري ملڪي سياست جو ماحول انتھائي منفي پوزيشن تي پھتل آھي صرف ھڪ تمام ننڍڙو لفظ سوري sorry نه چوڻ جي ڪري ملڪ جي ھيڏي وڏي سياست يرغمال بڻيل آھي ملڪ جون سياسي تنظيمون توڙي اسٽيبلشنٽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪري ملڪ مان سياسي بحران جو خاتمو آڻڻ بدران اناپرستي جي ور چڙھي ويا آھن ڪا به ھڪ ڌر سوريsorry چوڻ لاء تيار ناھي ملڪ جي وڏن جي انا پرستي واري ان عمل ملڪ توڙي عوام لاء صرف مشڪلاتون پيدا ڪيون آھن خبر ناھي ته ھي حڪومت اسٽيبلشمنٽ ۽ پي ٽي آئي ڪيترو وقت وڌيڪ انا پرستي واري واٽ تي ھلندي ڪيل غلطين تي سوري چوڻ کان پري رھنديون حقيقت ۾ ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ملڪ کي موجوده انتشار واري سياست طرف وٺي وڃڻ تي پنھنجي ڪيل غلطين کي تسليم ڪندي ٽنھي ڌرين کي سوري sorry چوڻ گھرجي جيئن ملڪ انتشار واري سياست مان ٻاھر نڪري مثبت سياست جي واٽ طرف وک وڌائي سگھي ان شئي لاء بس ھڪ ننڍڙي لفظ سوري sorry چوڻ جي ضرورت آھي خبر ناھي ته لفظ سوري ۾ آھي ڇا؟ جو ان لفظ کي ٻڌڻ ته سڀئي چاھن ٿا پر پنھنجي زبان تي ان لفظ کي آڻڻ لاء ڪير به تيار ناھي ان ڪري خبر ناھي ته الائي ڪڏھن اسان سياستدانن کان لفظ سوري sorry ٻڌي سگھنداسين؟