سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پورو حصو ڏنو وڃي: عادل الطاف انڙ

پ پ ايم ايم پي اي عادل الطاف انڙ ڏوڪري ۾ نظير گاڏهي سان نياڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ پورو حصو ڏنو وڃي: عادل الطاف انڙ

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) پيپلزپارٽي ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت بهتر نموني ڪم ڪري رهي آهي سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ڀرپور حصو ڏنو وڃي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري جي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ نظير احمد گاڏهي سان سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو بهتر نموني ڪم ڪري رهيو اهڙي طرح ٻين صوبن کي به ڪم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جو حصو ڪٽيو پيو وڃي جيڪا سنڌ صوبي ۽ سنڌي عوام سان ناانصافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس 13 جي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪري رهيو آهيان پارٽي قيادت اڳيان پي ايس 13 ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن ۾ ترقياتي ڪمن، صحت، تعليم سميت سمورا مسئلا رکيا آهن جيڪي جلد حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ڏوڪري باقراڻي تعلقن ۾ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ۽ انشاءِ ﷲ نوان ترقياتي ڪم به ڪرايا ويندا. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، اڳوڻي چيئرمين لياقت علي سومرو، يوسي مڏباهو چيئرمين مظفر چانڊيو، يوسي مشوري ايٽ هٽي چيئرمين شڪيل احمد مينگل، حبيب ﷲ کوکر، محراب خاصخيلي، آغا ميهر علي جلباڻي، صحبت علي جسڪاڻي، غلام قادر ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا.