ھڱورجا ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران استاد الھرکيو خاصخيلي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

تعزيتي ميڙاڪي ۾ ادبين شاعرن استادن صحافين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ معزز شھرين جي شرڪت

ھڱورجا ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران استاد الھرکيو خاصخيلي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

ھڱورجا(رپورٽر)سنڌي ادبي سنگت شاخ ھڱورجا پاران سنڌ جي ناليواري اديب شاعر ۽ ساس جي ضلعي خيرپور جي اڳوڻي رابطا سيڪري استاد الھرکيو خاصخيلي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٽائون ڪاميٽي ھڱورجا جي گرائونڊ تي منعقد ڪيو ويو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ ادبين شاعرن استادن صحافين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ معزز شھرين جي وڏي انگ جي شرڪت . تعزيتي ميڙاڪي ۾ استاد الھرکيو خاصخيلي جي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. استاد جي وڇوڙي سان پيدا خال ڪڏنھن ب ڀرجي ن سگھبو . استاد الھرکيو خاصخيلي جفاڪشي انسان ھيو ۽ سندس جون ادب سياست . سماج اندر ڪيل خدمتون صدين تائين ياد رھنديون مقررين جو خطاب تفصيل موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ ھنڱورجا پاران سندس جي ناليواري اديب شاعر ۽ ساس جي اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري استاد الھرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي سندس جي ياد ۾ ٽائون ڪاميٽي جي گرائونڊ تي تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ شاعرن اديبن استادن سماج سڌارڪ اڳواڻن صحافين ء شھر جي معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي آھي تعزيتي ميڙاڪي کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري. ناليواري اديب ابراھيم کرل .پروفيسر محمد امين مغل . شاعر لالڻ چنو سنبوا اڳواڻ استاد بشير احمد سھتو . گسٽا اڳواڻ عبدالمقيم ميمڻ. استاد اعجاز خاصخيلي. ساس اڳواڻ ڄام محبت سھتو آزاد انصاري خير پور صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ استاد امد حسين سومرو .ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر پروفيسر مختيار چنو. ضمير حسين سھتو صحافي فرمان علي سھتو ء بين تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آھي ت الھرکيو خاصخيلي گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو ادب تعليم سماجي ڪمن توڙي سياست م سندس جون خدمتون صدين ياد رکيون وينديون. استاد الھرکيو خاصخيلي استادن جي تنظيم گسٽا م استادن جا انيڪ مسئلا حل ڪرايا ھو اسٽيج جو بادشاھ ھيو ھن جون سماج اندر ڪيل خدمتن کي ڪڏنھن وساري نٿو سگھجي.