راڻا همير سنگهه سوڍو جي مختلف برادرين جي ماڻهن سان ملاقات

راڻا همير سنگهه سوڍو ملاقات دوران مانهن جا مسئلا معلوم ڪيا

راڻا همير سنگهه سوڍو جي مختلف برادرين جي ماڻهن سان ملاقات

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) پ پ ايم پي اي ڍاٽ جي راڻي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان عمرڪوٽ ۾ مختلف برادري جي ماڻھن سان ملاقات، مسئلا معلوم ڪندي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي. خبر موجب پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو طرفان راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي شھر جي بجير، جٽيا، ميگھواڙ، ڀيل، جوڳي، اوڏ برادري سميت ٻين مختلف برادري جي ماڻھن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪرڻ سميت جيڪي به جائز مسئلا آھن اُھو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جڏھن ته ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ڪائونسلر رميش ڪمار رتناڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي،واحد بخش سمون، ڪامريڊ يوسف نھڙي،ماهديوميشوري ، ڀاڳچندجٽيا،ڊاڪٽر رامچندجٽيا سميت ٻيا پڻ موجود ھئا