عمرڪوٽ ۾ غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ھڪ ڏينھن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم پاران العباس ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪيمپ لڳائي وئي

عمرڪوٽ ۾ غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ھڪ ڏينھن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم پاران العباس ميڊيڪل سينٽر عمرڪوٽ جي تعاون سان غريب ۽ مستحق مريضن لاءِ ھڪ ڏينھن جي ميگا فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، ميڊيڪل ڪئمپ دوران مختلف شعبن جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين پاران مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ويو، جن ۾ عام بيماريون، عورتن ۽ ٻارن جون صحت مسئلا، بلڊ پريشر، شگر، اکين ۽ ٻين بنيادي طبي چيڪ اپ شامل هئا، جنھن ۾ مريضن کي مفت طبي صلاحون ۽ آگاهي پڻ فراهم ڪئي وئي، ان موقعي تي فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن جي صدر ڊاڪٽر الهداد راٺوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان اھو ڪئمپ گذريل چئن سالن کان لڳائيندا پيا اچون ھن ڪئمپ جو مقصد غريب ۽ مستحق ھزارين مريض جيڪي غربت سبب ڪنھن سٺي ۽ ماھر ڊاڪٽر جي مشوري کان محروم آھن ھنن لاءِ اسان جو قدم کنيو آھي، ڊاڪٽر ياسمين حسيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ تنظيم ۽ العباس ميڊيڪل سينٽر جي گڏيل ڪوششن سان ھر سال جيان ھن سال بہ ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ تي آئون سموري ٽيم کي جس ڏيان ٿي جنهن ان ڪئمپ جي لاءِ رات ڏينهن ھڪ ڪري پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن تائين اھو پيغام پھچائي ڏاڍو زبردست ڪم ڪيو، فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن تنظيم جي سي اي او انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ صحت هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ اهڙيون ميڊيڪل ڪئمپس سماج جي ڪمزور طبقن لاءِ اميد جي ڪرن ثابت ٿين ٿيون، هن وڌيڪَ چيو تہ مستقبل ۾ به تعليم، صحت، صاف پاڻي، نوجوانن جي بااختياري ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ اهڙا قدم جاري رکيا ويندا، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر چيو تہ جتي مهانگيون دوائون ۽ علاج ڪيترن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهن، اتي فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ اينڊ انوويشن پاران منعقد ڪيل ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ ڪيترن ئي غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ اميد، سهاري ۽ شفا جو ذريعو بڻجي، ڪئمپ ۾ آيل ڊاڪٽر نند لال، ڊاڪٽر نيل ڪنٺ، ڊاڪٽر حنا ناز، ڊاڪٽر سلمه حنيف آريسر، ڊاڪٽر محمد احسان ۽ ڊاڪٽر ارشاد احمد ڀٽو ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مريضن جو مفت ۾ معائنو ڪيو، ان موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ عوام پاران هن ميگا فري ميڊيڪل ڪئمپ کي ساراهيو ويو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آخر ۾ تنظيم پاران ميڊيڪل ٽيم، رضاڪارن ۽ سهڪار ڪندڙ ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ويو، جن جي تعاون سان هي سماجي خدمت جو عمل ممڪن بڻيو.