ڪارروائي دوران هڪ منشيات فروش علي حسن بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پوليس منشيات فروشـن خلاف ڪاروائيون تيز ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ جي واضح حڪمن تي سي آءِ اي پوليس ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪارمروائي دوران زهريلي سوپارين جا مجموعي طور 1050 پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا، جن ۾ آداب جا 400 پيڪيٽ، حبيبي 350 پيڪيٽ، سفينا 150 پيڪيٽ ۽ رائل ڪنگ جا 150 پيڪيٽ شامل آهن، ان سان گڏ هڪ الٽو ڪار ۽ 48 هزار 500 روپيا ڪيش رقم پڻ قبضي ۾ ورتي وئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار علي حسن ولد جهنڊو بنگلاڻي کي سٽي ٿاڻي تي منتقل ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ٻن نامعلوم جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي عمرڪوٽ جي حڪم تي ضلعي اندر منشيات فروشـن خلاف ڪاروائيون وڌيڪَ تيز ڪيون ويون آهن، ۽ اهڙن عنصرن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.
0 تبصرے