بي جي سي پاران سي آر اي جي نون چونڊيل باڊي جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو

ڪرائم رپورٽر اسان جو فخر آهن، جيڪي جان تري تي رکي حقيقتون عوام آڏو آڻين ٿا: سيد امتياز الحق بخاري

بي جي سي پاران سي آر اي جي نون چونڊيل باڊي جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو

ڪراچي (رپورٽر)بي جي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو سيد امتياز الحق بخاري طرفان ڪرائم رپورٽرز ايسوسيئيشن (سي آر اي) جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي اعزاز ۾ هڪ پروقار ضيافت جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جي ميزباني سيد امتياز الحق بخاري ۽ ڊائريڪٽر بي جي سي سيد معاذ الحق بخاري ڪئي، جن معزز مهمانن جو آجيان ڪئي ۽ سي آر اي جي صدر سمير قريشي، سيڪريٽري نديم خان، جوائنٽ سيڪريٽري مونس احمد سميت ٻين عهديدارن کي اجرڪ، هار ۽ گل پيش ڪري سندن خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد امتياز الحق بخاري چيو ته ڪرائم رپورٽر شهر ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ ڪرپشن جي سچي ۽ صحيح عڪاسي ڪن ٿا، جيڪا انتهائي ڏکيو ۽ خطري وارو ڪم آهي. اهي صحافي مشڪل حالتن ۾ به حقيقتون عوام تائين پهچائين ٿا، جيڪي ساراهه جوڳيون آهن. صدر سي آر اي سمير قريشي چيو ته ڪرائم رپورٽنگ هڪ انتهائي ذميوار شعبو آهي، جنهن کي سمورا رپورٽر انتهائي پيشاورانه ۽ مثبت انداز سان نڀائي رهيا آهن. بي جي سي پاران هن شاندار تقريب جي انعقاد تي اسان سيد امتياز الحق بخاري جا ٿورائتا آهيون، جن سان اسان جا ويهه ورهين کان وڌيڪ پراڻا لاڳاپا آهن. سي آر اي جي سيڪريٽري نديم خان چيو ته اسان صحافت کي صرف پيشو نه پر قومي ذميواري سمجهي نڀايون ٿا، عوام کي حقيقتن کان آگاهه رکڻ اسان جو بنيادي فرض آهي. تقريب ۾ سينيئر صحافي پرويز مظهر، سي آر اي جي جوائنٽ سيڪريٽري مونس احمد ۽ عبيد شاهه پڻ خيال جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سي آر اي جي جوائنٽ سيڪريٽري مونس احمد، عبيد شاهه، انفارميشن سيڪريٽري آصف، گورننگ باڊي جي ميمبرن صبا خان، اورنگزيب جبار، ثاقب عالم، عدنان راجپوت ۽ مطلوب بيگ کي به اجرڪ، هار ۽ گل پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ سينيئر صحافي پرويز مظهر، سردار عبدالقدير خان، حفيظ انصاري، وسيم خان، عثمان علي بيگ، غفران خان، وسيم قريشي، محمد ياسين، دانش حسين، علي احمد جان سميت ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. آخر ۾ بي جي سي جي ڊائريڪٽرن سيد امتياز الحق بخاري ۽ سيد معاذ الحق بخاري مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته تقريب جي نظامت سيڪريٽري فلم اينڊ ٽي وي جرنلسٽس وسيع قريشي انجام ڏني