عمرڪوٽ جي فائونڊيشن اسسٽڊ ماڊرن سيڪنڊري اسڪول ۾ سائنسي نمائش

عمرڪوٽ جي فائونڊيشن اسسٽڊ ماڊرن سيڪنڊري اسڪول ۾ سائنسي نمائش

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪول ماڊرن سيڪنڊري اسڪول، مالهي ڪالوني ۾ اسٽيم (STEAM) سائنس، آرٽس ۽ ڪرافٽس نمائش انتهائي ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن جي سائنسي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ عملي سکيا جو ڀرپور مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو، هن نمائش جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿس (STEAM) جي ذريعي تخليقي ۽ تحقيقي سوچ کي فروغ ڏيڻ، گڏوگڏ عملي تعليم سان شاگردن کي جوڙڻ هو، نمائش ۾ مختلف جماعتن جي شاگردن سائنس جا جديد ماڊلز، تعليمي منصوبا، معلوماتي چارٽس ۽ هٿ سان تيار ڪيل آرٽس ۽ ڪرافٽس جا حسين نمونا پيش ڪيا، شاگردن پنهنجي منصوبن بابت تفصيلي وضاحت وڏي اعتماد سان ڪئي، جنهن کي موجود مهمانن ۽ والدين بيحد ساراهيو، نمائش جو باضابطه افتتاح سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڀڳوان داس پرمار ڪيو، ھن نمائش دوران شاگردن جي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ شاگردن جي محنت، استادن جي لگن ۽ والدين جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي، تقريب ۾ ڪيترن ئي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ راڻو مل مالھي (ADEO ايجوڪيشن عمرڪوٽ) ڊاڪٽر چيتن ڪمار وينڊاڻي (ميونسپل ڪائونسلر عمرڪوٽ)، خالد خاصخيلي (هيڊ ماسٽر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ II)، هيڊ ماسٽر گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول دڙو ڪولهي، معروف سماجي ڪارڪن ۽ ليکڪ جلال ڪوري، سماجي ڪارڪن جناب ڀرت بنسي مالھي، ايڊووڪيٽ گل منير والھاري ۽ ڪميونٽي جا ٻيا معزز فرد شامل هئا، مهمانن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙيون تعليمي سرگرميون ٻارن ۾ تحقيقي سوچ، خود اعتمادي، تخليقي صلاحيت ۽ عملي مهارتون پيدا ڪن ٿيون، هنن اسڪول انتظاميه کي صلاح ڏني ته مستقبل ۾ به اهڙيون هم نصابي ۽ تعليمي سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪيون وڃن، آخر ۾ اسڪول انتظاميه نمائش جي ڪامياب انعقاد تي سڀني معزز مهمانن، والدين، استادن، شاگردن ۽ ڪميونٽي جي ماڻهن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، نمائش علم، تخليق ۽ حوصلي جو حسين مثال بڻجي سڀني لاءِ يادگار ثابت ٿي.