درگاهه حضرت سيد شاهه حسن جي مزار لڳ ڀڳ 800 سالن کان شاھ حسن ٻيٽ تي موجود آهي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجنئيس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر ۽ پورٽ قاسم متاثرين ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، وفاقي وزير بحري امور محمد جنيد انور پاران شاھ حسن ٻيٽ کي ماحولياتي سياحتي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ واري بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شاھ حسن ٻيٽ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ورثو آهي ۽ هن ٻيٽ تي ڪنهن به قسم جو قبضو يا زبردستي منصوبو مقامي ماڻهو هرگز برداشت نه ڪندا سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته درگاهه حضرت سيد شاهه حسن جي مزار لڳ ڀڳ 800 سالن کان شاھ حسن ٻيٽ تي موجود آهي، جتي سندن خانداني قبرستان ۽ بزرگ مدفون آھن هن چيو ته درگاهه جي سالياني عرس ۽ زائرين جي سهولتن لاءِ لڳ ڀڳ 50 ايڪڙ زمين تي مسافر خانو، مسجد ۽ پاڻي جون ٽينڪيون تعمير ٿيل آهن، جيڪي مختلف دورن ۾ درگاھ جي انتظاميا ۽ مڪاني ادارن پاران ٺهرايون ويون آھن هن چيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي شاھ حسن ٻيٽ کي پنهنجي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته ٻيٽ جي زمين پورٽ قاسم پاران نه قانوني طور اڪوائر ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن معاهدي تحت منتقل ڪئي وئي آهي اهڙي دعويٰ نه رڳو غير قانوني پر غير آئيني به آهي قانوني طور شاھ حسن ٻيٽ جي مالڪي سنڌ حڪومت وٽ آھي سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته پورٽ قاسم ماضي ۾ به سنڌ حڪومت کان 1500 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي هئي جتي 355 کاتيدار ۽ 31 قديم ڳوٺ آباد هئا، پر اڄ تائين انهن مان ڪنهن به ڳوٺ کي نه معاوضو ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي متاثر ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته پورٽ قاسم انتظاميا وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لکيل فيصلن تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري پورٽ قاسم جي ڪنهن به واعدي يا اعلان تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته وفاقي وزير جي اعلان کانپوءِ شاھ حسن ٻيٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ مقامي آباديءَ ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني پکڙجي وئي آهي هن مطالبو ڪيو ته ڪنهن به سياحتي يا ترقياتي منصوبي تي عمل ڪرائڻ کان اڳ مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، درگاهه شاھ حسن جي ترقياتي ڪمن، قبرستان جي تحفظ ۽ ماهيگيرن جي حقن کي مڪمل طور محفوظ بڻايو وڃي سيد خدا ڏنو شاهه خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقامي آباديءَ جي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته هو قانوني، سياسي ۽ عوامي احتجاج جو حق استعمال ڪندا آخر ۾ هن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن ۽ سول سوسائٽيءَ کي اپيل ڪئي ته هو شاھ حسن ٻيٽ بابت ڪنهن به منصوبي سبب ٿيندڙ ممڪن نقصان کي روڪڻ لاءِ مقامي ماڻهن سان گڏ بيهن
0 تبصرے