هڱورجا فوڊ سينٽر ۾ هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس

ڊي سي خيرپور معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سندس هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو فوڊ سينٽر پهچي ويو

هڱورجا فوڊ سينٽر ۾ هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ وارين خبرن جو نوٽيس

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ خريداري سينٽر تي ھزارين ٻوريون خراب ٿيڻ جو ڊي سي خيرپور نوٽيس ورتو . ڊي سي خيرپور جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو ھنڱورجا پھچي سينٽر تي رکيل ڪڻڪ جو جائزو ورتو . فوڊ سينٽر تي خراب پيل ڪڻڪ سميت سموري رپورٽ ڊي سي خيرپور ڏي سي ڏني ويندي آهي اي سي سوڀوديرو شاھ محمد چانگ تفصيل موجب ھنڱورجا ۾ قائم خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ خريداري واري سينٽر تي 5 ھزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون عملي لاپرواهي سبب خراب ٿيڻ جون خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ جو ڊي سي خيرپور نوٽيس ورتو آھي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ ھنڱورجا فوڊ سينٽر تي پھتو جتي فوڊ انسپيڪٽر غائب ھيو فوڊ انسپيڪٽرجي غيرموجودگي سينٽر تي رکيل سموري ڪڻڪ جو جائزو پڻ ورتو آھي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو شاھ محمد چانگ جو چوڻ ھيو ت فوڊ سينٽر تي رکيل ڪڻڪ خراب ھجڻ بابت عوامي شڪايتن تي ڊي سي خيرپور معاملي نوٽيس ورتو ڊي سي جي ھدايتن مان پھتو آھيان فوڊ انسپيڪٽر موجود ناھي سينٽر جي ڪڻڪ بابت سموري رپورٽ ڊي سي خيرپور حوالي ڪئي ويندي .