ھڱورجا ۾ ايڪس ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو جي اعزاز ۾ تقريب منعقد

چيف مانيٽرنگ آفيسر صدام وساڻ جي ميزباني هيٺ تقريب ٿي، عبدالسميع ڀنڀرو کي ڀيٽا پيش

ھڱورجا ۾ ايڪس ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو جي اعزاز ۾ تقريب منعقد

ھڱورجا(رپورٽر)چيف مانيٽرنگ آفيسر صدام حسين وساڻ جي ميزباني هيٺ ايڪس ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو جي اعزاز ۾ رٽائرمينٽ جي هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب خيرپور ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب جو مقصد عبدالسميع ڀنڀرو جي ڊگهي، خلوص ڀري ۽ مثالي سرڪاري خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ هو، جن خيرپور ضلعي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. تقريب ۾ خصوصي مهمان طور ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور انيس الرحمن ميمڻ ۽ ڊي اي او پرائمري اياز حسين مهيسر شرڪت ڪئي، جڏهن ته تعليم کاتي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم آفيسرن، استادن ۽ معزز شخصيتن پڻ تقريب کي رونق بخشي. موجود شرڪت ڪندڙن ۾ اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر عتيق الرحمن ميمڻ، ٽي اي او پرائمري الله بچايو خاصخيلي، فهيم خميساڻي، بخت سروري، عرفان ڦل، علي حيدر سمنگ، آفتاب مرکنڊ، استاد ربنواز، وقار حطار، منصور ڦلپوٽو، فاروق ڀنڀرو، وسيم شاهه، عبد الحميد ڄامڙو ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر ۽ استاد شامل هئا.تقريب کي خطاب ڪندي سي ايم او صدام حسين وساڻ چيو ته عبدالسميع ڀنڀرو جو دورِ خيرپور جي تعليمي تاريخ ۾ هميشه سنهري دور طور ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڀنڀرو صاحب نه صرف هڪ ذميوار ۽ محنتي آفيسر رهيو، پر سندس رويو هر طبقي جي ماڻهن سان نهايت سادو، شفيق ۽ عام ماڻهو جهڙو رهيو. عوام ۽ عملي سان سندس سڌي رابطي سبب مسئلا جلدي حل ٿيندا هئا، جنهن سان تعليمي نظام ۾ نمايان سڌارا آيا.