ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ حڪومت جيلن ۾ قيدين جي زندگيءَ جي سڌاري ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ وڌيڪ تربيتي ۽ مهارتي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان سلسلي بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ پاڪستان ليگل يونائيٽيڊ سوسائٽي (پلس) وچ ۾ باقاعده معاهدو طئي ٿي ويو آهي۔معاهدي تحت سنڌ جي جيلن اندر قيدين لاءِ مختلف فني، پيشاورانه ۽ ذهني سکيا جا پروگرام ڪرايا ويندا، ته جيئن قيدي آزادي بعد باعزت روزگار حاصل ڪري پنهنجي زندگي خودمختيار بڻائي سگهن۔ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين تميز الدين کهڙو، سيڪريٽري منور علي مٺاڻي، اي آءِ جي جيل خاناجات شهاب احمد صديقي، پلس جي سي اي او الطاف حسين کوسو، پروگرام مينجر سلمي حبيب، ايڊووڪيٽ رخسار سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين تميز الدين کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي ساڀيان بخشڻ لاءِ سماجي بهتري جا اثرائتا پروگرام جاري رکندي پئي اچي۔ هن ٻڌايو ته پلس سان ٿيل معاهدي تحت جيلن ۾ مختلف فني تربيت جا پروگرام شروع ڪيا ويندا، ته جيئن قيدي آزادي بعد پنهنجو روزگار قائم ڪري سگهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ 270 کان وڌيڪ ادارا هن پروگرام تحت ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 16 هزار کان وڌيڪ قيدي ۽ فرد تربيت حاصل ڪندا، جن کي مالي ۽ ٽيڪنيڪل سهائتا سان گڏ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا، ته جيئن هو ملڪ اندر ۽ ٻاهر روزگار حاصل ڪري سگهن۔سيڪريٽري منور علي مٺاڻي چيو ته هي پروگرام پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اهم مشن آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن، معذور ماڻهن ۽ قيدين سميت معاشري جي پوئتي رهيل طبقن جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آڻڻ آهي۔اي آءِ جي جيل خاناجات شهاب احمد صديقي چيو ته هن پروگرام سان قيدين جي زندگي آزادي بعد معاشي طور مستحڪم ٿيندي، جڏهن ته تربيت سان هو هنر يافته ٿي سماج ۾ عزت وارو مقام حاصل ڪري سگهندا۔پلس جي سي اي او الطاف حسين کوسو سنڌ حڪومت جو ٿورائتا ٿيندي چيو ته جيلن جي قيدين جي سڌاري لاءِ کنيل هي قدم انتهائي ساراهه جوڳو آهي۔ هن چيو ته هن پروگرام تحت 500 کان وڌيڪ قيدين جي ذهني ۽ فني صلاحيتن کي بهتر بڻايو ويندو، جنهن سان قيدين مان احساس ڪمتري ختم ٿيندي ۽ هو پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي سگهندا
0 تبصرے