لعل شهباز قلندر جي 774 هين سالياني عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان اجلاس
حيدرآباد (بيوروچيف)لعل شهباز قلندر جي 774 هين سالياني عرس مبارڪ جي انتظامن جي حوالي سان ڪمشنر حيدرآباد جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد، ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، رينجرس، هيلٿ، ڪلچر، اطلاعات سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن جي شرڪت. رپورٽ موجب : ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ لعل شهباز قلندر جي 774 هين سالياني عرس مبارڪ ي انتظامن جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو،ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي 18 شعبان بمطابق 6 يا 7 فيبروري 2026 کان شروع ٿيندڙ عرس مبارڪ کان اڳ سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي سمورا گهربل انتظام اڳواٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائين، هن چيو ته حضرت لعل شهباز قلندڙ جي عرس مبارڪ ۾ پوري ملڪ سميت دنيا جي مختلف علائقن مان لکين جي تعداد ۾ زائرين شرڪت ڪندا آهن، جن کي سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته عرس مبارڪ جي حوالي سان پهريون اجلاس ڊي سي آفيس ڄامشورو ۾ منعقد ٿي چڪو آهي، جڏهن ته عرس مبارڪ جي حوالي سان اهو ٻيو اجلاس آهي ۽ تمام جلد سيوهڻ شريف ۾ پڻ اجلاس طلب ڪيو ويندو، ڪمشنر حيدرآباد حيسڪو جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي فوري طور تي سيوهڻ شريف ۾ بجلي جي نظام کي بهتر بنائي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بنائي، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي اين ايڇ اي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي روڊن تي ٽريفڪ سائن بورڊ ۽ ٽريفڪ اشارا نصب ڪرڻ سميت ٽريفڪ جي آمد رفت کي احسن بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن ته جيئن ٽريفڪ حادثن کان محفوظ رهي سگهجي ، ڪمشنر مختلف ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي عرس مبارڪ دوران پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت صفائي سٿرائي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عرمس مبارڪ دوران هر سال وانگر سبيلون لڳايون وڃن ته جيئن زائرين کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي،جنهن تي لاڳاپيل عملدارن هدايتن تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو،اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري اجلاس کي ٻڌايو ته عرس مبارڪ جو افتتاح سنڌ جو گورنر ڪندو جڏهن ته پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير خاص طور شرڪت ڪندو، هن ٻڌايو ته عرس مبارڪ دوران ملاکڙو ، ادبي ڪانفرنس ۽ ٻين تقريبن جو اهتما ڪيو ويندو ،هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان سيوهڻ شريف کي 8 زونز ۾ ورهائي سيڪيورٽي جا موثر انتظام ڪيا ويندا جڏهن ته ڊرون ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرن ذريعي نگراني ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته طبي سهولتن لاءِ صحت کاتي ، پي پي ايڇ آئي ۽ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ پاران طبي ڪيمپن جو اهتمام ڪيو ويندو، غضنفر علي قادري ٻڌايو ته عرس مبارڪ دوران حيسڪو پاران بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بنايو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو اجلاس کي آگاه ڪيو ته ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ موٽر وي ۽ پوليس جي گڏجي منصوبه بندي ڪندا ته جيئن ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کان محفوظ رهي سگهجي، ڊي سي ڄامشورو ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا طرفان 2 لک منرل واٽر جون بوتلون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته اڙل واهه ۽ دانستر واهه ۾ ٻڌڻ جي واقعن کان محفوظ رهڻ لاءِ نيوي عملو ۽ ٻيڙيون دستياب هونديون، ڪمشنر حيدرآباد واش رومز جي سهولتن جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي، چيف ايڊيمنسٽريٽر اوقاف مختيار علي ابڙو اجلاس کي عرس مبارڪ جي لاءِ ڪيل انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، رينجرس، هيلٿ، ڪلچر، اطلاعات سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے