ملير سوشل فورم جي وفد جو هاشم خاصخيلي ڳوٺ جو دورو

وفد ۾ ڊاڪٽر انور لاشاري، عظيم دهڪان، وڏيرو اختر بلوچ، فريد بلوچ ۽ ٻيا شامل هئا

ملير سوشل فورم جي وفد جو هاشم خاصخيلي ڳوٺ جو دورو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير سوشل فورم جي وفد هاشم خاصخيلي ڳوٺ پهچي ڳوٺاڻن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وفد ۾ ملير سوشل فورم جي اڳواڻن ڊاڪٽر انور لاشاري، عظيم دهڪان، وڏيرو اختر بلوچ، فريد بلوچ سميت ٻيا شامل هئا. وفد ڳوٺ پهچي اي ڪي يونس خاصخيلي، محمد يعقوب خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي ۽ هر ممڪن ساٿ جو مڪمل يقين ڏياريو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته منظم سازش تحت ملير جي زرعي زمينن، قديم ڳوٺن ۽ قبرستانن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڪڏهن هائوسنگ اسڪيمين جي نالي تي ته ڪڏهن شاهراهه ڀٽو جي آڙ ۾ ملير جي قدرتي حسن ۽ سڃاڻپ کي ميساري تباهه ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته هاشم خاصخيلي ڳوٺ انگريزن جي دور کان به اڳ جو قديم ڳوٺ آهي، جنهن جي مهاڳي واري زمين تي ڪوڙي رجسٽري ذريعي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڳوٺاڻن بهادري سان مزاحمت ڪري اهڙي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي اڳواڻن حڪمرانن ۽ ضلعي انتظاميا کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته ڳوٺاڻا ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي اجهن، زرعي زمينن، باغن، ڳوٺن ۽ قبرستانن تي سوديبازي نه ڪندا. جيڪڏهن ٻيهر هاشم خاصخيلي ڳوٺ سميت ملير جي ڪنهن به قديم ڳوٺ جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته صرف هاشم خاصخيلي ڳوٺ نه، پر ملير جو ٻچو ٻچو سخت مزاحمت ڪندو ان موقعي تي اڳواڻن چونڊيل نمائندن تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته عوام جي ووٽن سان چونڊجي اچڻ باوجود اهي نمائندا ملير جي زمينن، ڳوٺن ۽ تاريخي ورثي کي بچائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيا آهن ايندڙ چونڊن ۾ ملير جا ماڻھون سندن کان سخت پڇاڻو ڪندا