سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي سنڌي کاڌن جو ٻيو اسٽال به لڳي ويو

ساڳ، مڇي، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، بُسري، مڇي، پُلاء ۽ ٻيا کاڌا سياحن جي پسند بڻجي ويا

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي سنڌي کاڌن جو ٻيو اسٽال به لڳي ويو

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) موهن جو دڙو تي سنڌي کاڌن جو ٻيو اسٽال لڳائي شروعات ڪئي وئي.موهن جو دڙو تي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ساڳ، مڇي، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، بُسري، مڇي، پُلاء ۽ ٻيا ديسي روايتي ۽ ثقافتي کاڌا فراهم ڪيا وڃن ٿا 30 سالن کان مٿي موهن جي دڙي تي ڪينٽين هلائيندڙ پورهيت انور علي سولنگي جو اسٽال سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي جڏھن ته ڳوٺ ڍنڍ واسي پورهيت انور علي سولنگي روزاني موهن جو دڙو تي سنڌي کاڌن جي نالي سان قائم ڪيل اسٽال تي کاڌا تيار ڪري موهن جو دڙو تي ايندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن کي سنڌ جا روايتي ۽ ثقافتي کاڌا فراهم ڪري ٿو.جڏھن ته پورهيت انور علي سولنگي پاران قائم ڪيل ننڍڙو اسٽال سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي ٿو اسٽال تي ديسي گهه سان تيار ڪيل کاڌا،سرنهن جو ساڳ، چڻن ۽ مٽرن جي پلي جو ساڳ، بُسري، مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، تريل مڇي، ديسي مرغي جا آنا، مکڻ سان مکيل اوفراٽا ۽ ديسي لذيذ کاڌا صبح کان شام تائين هر وقت ميسر هجن ٿا ۽ سياح مناسب ۽ سستي اگهه تي وڻندڙ کاڌا کائين ٿا ۽ ملندڙ آمدني مان پورهيت انور علي سولنگي جي گهر جو چلهو ٻري ٿو.ان موقعي تي پورهيت ڪينٽين انچارج انور علي سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته موهن جو دڙو اسان جو ثقافتي ورثو آهي مان واحد ۽ پهريون ڳوٺاڻو آهيان چانھ جي ڪينٽين هلائڻ کان پوء موهن جو دڙو تي روايتي ۽ ديسي کاڌن جو ننڍڙو اسٽال هنيو آهي ان سان سنڌ جي ثقافت به اجاگر ٿئي ٿي ۽ اسان جو به روزگار جو ذريعو آهي.هن چيو ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن کي کاڌا پسند اچن ٿا في الحال گهڻي ڪمائي ته ڪونه ٿي ٿئي پر ڪجهه ڏوڪڙ ملي پون ٿا جنهن سان اسان جي گهر جو چرخو هلڻ ۾ مدد ملي ٿي هن چيو ته مان مسڪين پورهيت آهيان ديسي ۽ ثقافتي کاڌن جو وڏي پئماني تي اسٽال قائم ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکون پر ننڍي پئماني تي اسٽال هنيو آهي.هن چيو ته ثقافت کاتي کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ روايتي سنڌي کاڌن جي پراڻي روايت کي برقرار رکي رهيا آهيون.هوڏانهن موهن جو دڙو تي آيل سياحن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته موهن جي دڙي تي پورهيت انور علي سولنگي پاران ديسي ۽ روايتي کاڌن جو مرڪز قائم ڪرڻ بهترين عمل آهي ان سان سنڌ جي ثقافت کي هٿي ملي رهي آهي پورهيت انور سولنگي کي روزگار به ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته هتي بهترين ۽ مناسب اگهه تي ديسي کاڌا فراهم ڪيا پيا وڃن.