English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين جو شهر جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج
views
|
25th May 2023
•
سنڌي خبرون
شيخ زيد ڪالوني سميت سمورو شهر مسئلن جي ور چڙهيل ۽ انتظاميه غائب آهي: ذوالفقار بليدي ۽ ٻيا
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن پاران يوسي ٽي شيخ زيد ڪالوني توڙي شهر جي ٻين علائقن ۾ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. تفصيل موجب: لاڙڪاڻي ۾ شهرين جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ذوالفقار بليدي، سماجي اڳواڻ عبدالنبي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر خاص ڪري يوسي ٽي شيخ زيد ڪالوني ۾ بنيادي مسئلن جو حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي جسم اڳواڻ ذوالفقار بليدي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي غريب عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ باوجود سنڌ واسين جا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿي سگهيا. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ صفائي سٿرائي سميت ڊرينيج جو ڪو به انتظام نه هئڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪهر جي گرمي هئڻ باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ مهينن کان بجلي ناهي ته وري ڪيترن ئي علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سماجي اڳواڻ عبدالنبي چانڊيو چيو ته دنيا چنڊ کان به اڳتي نڪري وئي آهي جديديت ۽ هٿرادو ذهانت جي مدد سان دنيا ۾ انسان ذات جي لاءِ روز نيون سهولتون پيدا ڪيون پيون وڃن پر لطيف جي ڌرتي ڪرپٽ حڪمراني سبب ڪربلا وارا منظر پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ پاسي بيروزگاري ۽ مهانگائي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ٻئي پاسي تعليم ۽ صحت سميت عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ميسر ناهن. عبدالنبي چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي اڳواڻ ورهين کان هڪ ڪرت ڪندا رهن ٿا اليڪشن کان اڳ مٿي تي قرآن کڻي عوام سان ڪوڙا واعدا ۽ ٺلها آسرا ڏئي ووٽ وٺڻ کانپوءِ جڏهن ڪامياب ٿين ٿا وري ڪٿي نظر ئي نٿا اچن. هن چيو ته شيخ زيد ڪالوني ڪيترن ئي مهينن کان مسئلن جي ور چڙهيل آهي، گٽرن جا ڍڪ کليل هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جي حياتين کي خطرا آهن جنهن لاءِ يوسي چيئرمين شفيق چانڊيو سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر ڪجهه به ناهي وريو. هن چيو ته جميل سومري سميت پيپلزپارٽي جا مقامي اڳواڻ عوام جي ٻڌڻ بدران رڳو فوٽو سيشن، شهر ۾ پينافليڪسن تائين محدود آهن عوامي ووٽ سان چونڊيل پيپلزپارٽي جا اڳواڻ عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ ويٺل رهن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته عوام جا مسئلا حل نه ڪندڙ ٻيهر ووٽ وٺڻ لاءِ آيا ته سندن ٽماٽن ۽ انڊن سان استقبال ڪيو ويندو. مظاهرين اختيارين کان گهر ڪئي ته عوام جي پيسي تي اسلام آباد ۾ عياشيون ڪندڙ پيپلزپارٽي اڳواڻن کي علائقي واسي ياد ڏياري عوام جا مسئلا حل ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
تازہ ترین
سیلاب کو روکنے کے لیے تیار ہیں، وفاق بی آئی ایس پی کے ذریعے متاثرین کی مدد کرے: بلاول
08th Sep 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے سینئر رہنما اور سابق امیر قمبر عبدالمجید سومرو انتقال کر گئے
08th Sep 2025
•
تازہ ترین
چیئرمین واپڈا سے پاکستان میں ورلڈ بنک کی کنٹری ڈائریکٹر کی ملاقات
09th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سماج سڌارڪ، رائيٽر ۽ سينئير ڪالم نگار عبدالفتاح عباسي جي شخصيت تي هڪ نظر
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ڀائٽيو قتل, ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 2ڄڻا گرفتار،ڪيس داخل
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ اشتهاري قرار ڏنل ڏوهاري پوليس وٽ پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻو
صفائي سٿرائي
0 تبصرے