ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل

انتطاميه منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي

ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل

ڏوڪري)اطهر ميمڻ)ڏوڪري ۾ مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو، عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻ ٽيڻ ٿي ويا، خلق پريشان، انتظاميا منافي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، سياسي، سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب ڏوڪري تعلقي مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو آهي منافي خور واپارين عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻ ٽيڻ تي ڪري ڇڏيا غريب طبقو پريشان ٿي ويو آهي ڏوڪري انتظاميا مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي انتظاميا پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ سڀ ٺيڪ جو راڳ آلاپي رهي آهي جڏهن ته شهر اندر گوشت، مڇي، مرغي جو گوشت، سبزي، کير، صابڻ، گيھ، مرچ، اٽو ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيڻ جي ڪري غريب طبقي جي چيلھ چٻي ٿي وئي آهي جنهن سبب مزدور طبقو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي شهر ۾ وڌندڙ مهنگائي کي ٻجو نه ڏيڻ ۽ انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب هتان جي سياسي، سماجي ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن ان موقعي تي هتان جي سياسي، سماجي، شهرين رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، عمير جوڻيجو، ايڊوڪيٽ ڪاشف ابڙو ريحان احمد ۽ ٻين چيو ته ڏوڪري انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي واپارين هڪ هٽي قائم ڪري عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن سياري جي موسمي تبديلن سبب ڪوهيڙي پورهيت طبقي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هر ماڻهو گهرن تائين محدود آهي روزگار جا ذريعا گهٽجي ويا آهن صبح جو هڪڙو ريٽ ته شام جو ٻيو ريٽ مقرر ڪيو پيو وڃي انتظاميا مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سبزي، کير، صابڻ، گيھ ، مرچ، اٽو ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيڻ جي ڪري غريب طبقي جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي هنن سنڌ حڪومت جي اعلي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير ڏوڪري ۾ وڌندڙ مهنگائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ نوٽيس ورتو وڃي ۽ منافي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.