مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار

تحرير: آڪاش مهر

مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار

سنڌ ڌرتي رڳو مٽيءَ جو نالو ناهي؛ هيءَ ڌرتي فڪر، شعور، قرباني، جاکوڙ ۽ سچ جي سڃاڻپ آهي. هيءَ ڌرتي انهن ماڻهن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن پنهنجي زندگي ذاتي مفادن بدران اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪئي. اهڙن ئي ڪردارن کي وقت جي وهڪري کان به امرت ملي ٿي.
اڄ کان پنج سال اڳ، اهڙو ئي هڪ علم دوست، دردمند، بي لوث ۽ باڪردار انسان—مرحوم استاد عمردراز مهر—هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس ڇڏيل نقش اڄ به دلين ۽ ذهنن ۾ روشن آهن.
استاد سائين جو وڇوڙو رڳو هڪ خاندان جو نقصان نه هو، پر اهو علم، تعليم ۽ سماجي خدمت سان جڙيل هر حساس دل لاءِ هڪ اڻ ڀرندڙ خال هو. سندس زندگي ان سچ جي شاهدي هئي ته استاد رڳو نصاب پڙهائڻ وارو نه، پر قومن جي تقدير لکڻ وارو هوندو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ اهڙن ئي ڪردارن کي امر بڻائيندي فرمايو آهي:
کاهوڙينِ کڻي، ساجهر ٻڌا سندرا،
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ڪيائون پاڻُ پڻي،
ڏکنِ ڏيلُ هڻي، ڇيههُ لڌائون ڇپرين،
سُکنِ سيلا نه ڪيائون، ڏکين سين ڏُڻُ.ڀ مرحوم استاد عمردراز مهر جو واسطو شڪارپور جي ان زرخيز مٽيءَ سان هو، جنهن هميشه علم، شعور، صبر ۽ مزاحمت کي جنم ڏنو آهي. هن پنهنجي سموري حياتي علم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس نظر ۾ تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه، پر انسان سازيءَ جو مقدس عمل هو.
هو انهن استادن مان هو، جيڪي ڪلاس روم کي عبادتگاهه سمجهندا هئا. خاص طور غريب، پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ٻارن لاءِ سندس دل هميشه ڌڙڪندي رهي. هو چوندو هو ته، “جيڪڏهن تعليم شهرن تائين محدود رهي، ته ڳوٺن جي محرومي نسل در نسل منتقل ٿيندي.”
19 جنوري 2021ع شڪارپور لاءِ هڪ اداس ۽ ڏکوئيندڙ ڏينهن هو، جڏهن هي علم دوست انسان اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس لاڏاڻي سان سوين شاگرد يتيم ٿي پيا—اهڙا شاگرد، جن لاءِ هو رڳو استاد نه، پر رهنما، همدرد ۽ حوصلو ڏيندڙ ساٿ هو.
لطيف سائين فرمائي ٿو:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
مرحوم استاد عمردراز مهر پنهنجي 76 سالن جي حياتيءَ دوران تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ بنا ٿڪ جي جاکوڙ ڪئي. هو پڪ سان چوندو هو ته تعليم ئي سماجي انصاف، معاشي ترقي ۽ قومي خودمختياري جو واحد رستو آهي. آخري ڏينهن تائين سندس سوچ ۽ عمل جو مرڪز به اهو ئي رهيو. بطور استاد ۽ تعليم کاتي جي ذميوار آفيسر، هن شڪارپور ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي غيرفعال اسڪولن کي ٻيهر حياتي ڏني. ڏورانهن ۽ حساس علائقن ۾ پاڻ وڃي تعليمي عمل جي نگراني ڪئي. جتي استادن لاءِ ڊيوٽي ڪرڻ ڏکيو هوندو هو، اتي هو پاڻ ڍال بڻجي بيهندو هو.
شاهه لطيفؒ جو هي بيت ڄڻ سندس زندگيءَ جو پيغام هو:
هلندي هليج، وهندي وهائج،
سستين کي سزا، متان پڇاڻو پوي.
قانون، ايجوڪيشن، اسلامڪ ڪلچر ۽ مسلم هسٽري جهڙيون ڊگريون حاصل ڪرڻ باوجود، هن پنهنجي علم کي ذاتي ترقيءَ بدران عوامي خدمت لاءِ وقف ڪيو. مينهن هجي يا جهڙ، سخت گرمي هجي يا سردي—هو ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ موجود رهندو هو. نصابي تعليم سان گڏ شاگردن ۾ نظم، خوداعتمادي ۽ مقابلي جو جذبو پيدا ڪرڻ سندس خاص سڃاڻپ هئي. دوستن سان گڏ “اَهنج دور” نالي سماجي تنظيم جو بنياد رکي، تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ قابلِ قدر فلاحي خدمتون سرانجام ڏنيون. اڄ به علمي ڪچهرين ۽ سماجي گڏجاڻين ۾ سندس نالو احترام ۽ فخر سان ورتو وڃي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو:
سورهيه مرين سوڀ کي،
ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين،
آڏو آڙ نه سار.
مرحوم جو پڪو يقين هو ته جيڪڏهن استاد نظرياتي ۽ عملي ڪردار ٻئي گڏ کڻي هلن، ته سماج ۾ حقيقي تبديلي ممڪن آهي. اڄ سندس اولاد ۽ شاگرد سندس ڏسيل واٽ تي هلندي عملي ميدان ۾ سرگرم آهن—۽ اها ئي ڪنهن استاد جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هوندي آهي.
آخر ۾ دعا آهي ته الله پاڪ مرحوم استاد عمردراز مهر کي جنت الفردوس ۾ بلند درجات عطا فرمائي، ۽ اسان سڀني کي اهڙن علم دوست ڪردارن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.