ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪئي

ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ سماجي تنظيمن ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان هيٺ هڪ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ويئي، جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ کين مفت علاج ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ڊاڪٽر ذڪاءُ الله افغان، ڊاڪٽر شاهد ڪامران، ڊاڪٽر مخدوم، ڊاڪٽر مريم صديقي، ڊاڪٽر صائمه، ڊاڪٽر انيزه ارشد سميت ٻين ڊاڪٽرن وڏي دلچسپي سان مريضن جو چيڪ اپ ڪيو.ڪيمپ دوران پنج سئو کان وڌيڪ مريضن کي مفت طبي معائنو ڪيو ويو ۽ ضروري دوائون به بنا ڪنهن فيس جي ڏنيون ويون. ڊاڪٽرن هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي اسڪريننگ، شوگر بلڊ پريشر، فلو، کنگهه ۽ ٻين عام بيمارين جي تشخيص ڪري مريضن کي مناسب دوائون ۽ طبي صلاحون ڏنيون.ان موقعي تي ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن جي ذميوارن چيو ته ادارو هميشه انساني خدمت کي اوليت ڏيندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ اهڙيون فري ميڊيڪل ڪيمپس منعقد ڪيون وينديون، جيئن عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون سندن در تي مهيا ٿي سگهن.