English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول زاهد رند جي صدارت هيٺ پراجيڪٽ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس
34 views
|
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد پيرل چانڊيو کان علاوه مختلف کاتن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ آغا خان ايجنسي فار هيبيٽيٽ پاران پراجيڪٽ ڊسٽرڪٽ ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس دربار هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد پيرل چانڊيو کان علاوه سوشل ويلفيئر، زراعت، ٻيلو کاتو، فشريز، تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) سميت مختلف سرڪاري کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪنسلٽنٽ ٽيم پاران ڪوسٽل ريزيليئنس پلان (ساحلي مضبوطي جي منصوبي) بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ شرڪت ڪندڙن کان تجويزون ۽ رايا پڻ طلب ڪيا ويا ته جيئن منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن ساحلي علائقن جي ترقي ۽ آفتن کان بچاءَ بابت اهم تجويزون پڻ پيش ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ساحلي علائقن ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ مربوط ۽ پائيدار منصوبابندي ضروري آهي. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ اسٽيڪ هولڊرن جي صلاح مشوري سان تيار ڪيل منصوبو ئي اثرائتو ٿي سگهي ٿو. هن ڪنسلٽنٽ ٽيم کي هدايت ڪئي ته اجلاس ۾ پيش ڪيل راين ۽ تجويزن کي منصوبي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان کي وڌيڪ بهتر ۽ ممڪن بڻائي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگين کي محفوظ ۽ بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊي سي سجاول زاهد رند جي صدارت
0 تبصرے