ملير جي سينيئر صحافي سيد سجاد علي شاھ جي موٽرسائيڪل چوري

ملير جي سينيئر صحافي سيد سجاد علي شاھ جي موٽرسائيڪل چوري

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سيد سجاد علي شاھ جي موٽر سائيڪل عبدالله ڳوٺ جي بچت بازار جي ٻاهران چوري ٿي وئي آهي ان سلسلي ۾ سيد سجاد علي شاھ ٻڌايو ته ڪالهه گهريلو ڪم سانگي بچت بازار وڃڻ ٿيو جتان سامان وٺي اٽڪل 10 منٽن کان بعد واپس آيس ته موٽرسائيڪل اُتان غائب هئي ڀرپاسي جي ماڻهن کان پُڇا ڪرڻ باوجود به ڪو پتو نه پيو جنهن بعد ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ٻي طرف عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين سامي ميمڻ، جمشيد زهراڻي، عنايت شاھ، طارق جان ۽ ٻين چوري واري واقعي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملير ۾ ڏوهي ڪاروائيون تيز ٿي ويون آهن هڪ ئي ڏينهن ۾ چوريون، ڌاڙا ،ڦرون ۽ ٻيا واقعا ٿين ٿا پر پوليس جو ڪو به مثبت ڪردار نظر نٿو اچي هنن آءِ جي سنڌ ، ايس ايس پي ملير ، ايس ايڇ او شاھ لطيف ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته صحافي سيد سجاد علي شاھ جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل فوري طور واپس ڪرائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.