سنڌ انفارميشن ڪميشن ايڪٽ پاڪستان جو بهترين قانون آهي: محمد يعقوب
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سنڌ ۾ شفافيت کي فروغ ڏيڻ، معلومات جي حق جي قانون کي لاڳو ڪرڻ ۽ پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ "سنڌ شفافيت ۽ معلومات جو حق، پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي شموليت ۽ صلاحيت وڌائڻ" جي عنوان سان دربار ھال مڪلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ صحت، تعليم، پوليس، سماجي ڀلائي، لوڪل گورنمينٽ، اطلاعات ۽ مختلف ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تخليق فائونڊيشن جي سي اي او محمد يعقوب شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏني. سي اي او محمد يعقوب خطاب ڪندي چيو ته سنڌ انفارميشن ڪميشن ايڪٽ 2017 پاڪستان جو هڪ بهترين قانون آهي جنهن جو بنيادي مقصد سرڪاري ادارن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي معلومات تائين رسائي جو حق ڏيڻ آهي. هن چيو ته سنڌ انفارميشن ڪميشن هن قانون تحت هڪ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن تحت هر سرڪاري کاتي ۾ پبلڪ انفارميشن آفيسر جي مقرري کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قانون تحت سمورا سرڪاري آفيسر عوام پاران گهربل معلومات فراهم ڪرڻ جا پابند آهن جڏهن ته معلومات فراهم نه ڪرڻ يا دير جي صورت ۾ سزا ۽ جرماني جون شقون پڻ ايڪٽ ۾ شامل آهن. هن چيو ته معلومات جي اثرائتي فراهمي لاءِ ضروري آهي ته سرڪاري کاتن ۾ گهربل مشينري، رڪارڊ ۽ جديد سهولتون موجود هجن ته جيئن عوام کي بروقت ۽ صحيح معلومات فراهم ڪري سگهجي. سيمينار دوران شرڪت ڪندڙن معلومات جي حق جي قانون جي عملدرآمد، ان حوالي سان درپيش مسئلن ۽ ممڪن حل تي پڻ بحث ڪيو. مقررين زور ڏنو ته شفافيت ۽ معلومات تائين رسائي نه رڳو عوام جو اعتماد بحال ڪري ٿي پر سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي به بهتر بڻائي ٿي. آخر ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ته اهي سنڌ انفارميشن ڪميشن ايڪٽ 2017 جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا ۽ عوام کي انهن جا قانوني حق فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.
0 تبصرے