ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران ڊسٽرڪٽ بار جي نون عهديدارن سان ملاقات

الطاف حسين شاهه شيرازي، التمش شاهه شيرازي، عبدالقادر ميمڻ، عبدالمنان ترين ۽ شام لال ڊسٽرڪٽ بار پهتا

ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران ڊسٽرڪٽ بار جي نون عهديدارن سان ملاقات

ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، سفيرِ امن سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ۽ سندس فرزند سيد التمش شاهه شيرازي، عبدالقادر ميمڻ، عبدالمنان ترين ۽ شام لال سميت ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پهتا، جتي هنن صدر ڊسٽرڪٽ بار ايڊووڪيٽ اعزاز شاهه، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ هوش محمد عباسي سميت سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي نئين باڊي جي چونڊ تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون.ان موقعي تي سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ۽ سندس فرزند سيد التمش شاهه شيرازي طرفان ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي نئين باڊي جي چونڊ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. جڏهن ته سيد الطاف حسين شاهه شيرازي طرفان سمورن عهديدارن کي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ تحفي طور پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي وڪيل برادري جا سڀ ميمبر ۽ عهديدار وڏي انگ ۾ موجود هئا، جن نئين چونڊيل باڊي سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو.