ڏوڪري ڀرسان ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان الطاف زهراڻي واري واقعي خلاف گهگهر ۾ احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

ڏوڪري ڀرسان ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان الطاف زهراڻي واري واقعي خلاف گهگهر ۾ احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڏوڪري ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران قتل ٿي ويل الطاف حسين زھراڻي جي گهر واري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گھگھر ۾ زھراڻي برادري پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو، سخت نعريبازي، 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، فوري طور تي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، تفصيل موجب ڏوڪري ٿاڻي جي حد ۾ سومر واري رات ڦر دوران مزاحمت تي تشدد جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ پورهيت الطاف حسين زھراڻي جي گهر واري سلطانه زھراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گھگھر ۾ زھراڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، قاتل جي گرفتاري لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي رجب زھراڻي، رئيس غلام سرور، ڊاڪٽر نذير، اصغر زھراڻي، جمشيد زھراڻي ،الاھي بخش، شوڪت زھراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سومر واري رات اٺين وڳي موٽر سائيڪل تي ٻارن سان گڏ گھر ويندي ڦر دوران مزاحمت تي پورهيت الطاف زهراڻي کي سندس گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن سميت ڦورن تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن سبب سندس گھر واري سلطانه خاتون زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي ۽ الطاف حسين پنهنجي ستن سالن جي معصوم پٽ سان اسپتال ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زير علاج آهي، هنن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او ڏوڪري قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهيو آهي اسان وٽ اھا روايت بڻجي وئي آهي ته جنهن کان ڦر ٿئي يا ماڻهو ماريا وڃن ته انصاف جي حصول لاءِ به انهن کي احتجاج ڪرڻو ٿو پوي، ھنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ،ڊي آئي جي، ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.