نائب صدر جي عهدي تي ذوالفقار علي خواجه ۽ پرديپ ڪمار 26، 26 ووٽ کڻي برابر
سجاول (رپورٽر) سجاول بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ صدر جي عهدي تي اميدوار عبدلقادر خاصخيلي 27 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار اياز علي خواجه 24 ووٽ حاصل ڪيا. نائب صدر جي عهدي تي ذوالفقار علي خواجه ۽ پرديپ ڪمار 26، 26 ووٽ کڻي برابر رهيا. جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي عمران علي شاهه 33 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته مقابلي ۾ بيٺل عرفان گل ميمڻ 19 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي جنيد علي سولنگي ۽ منظور علي جماري پڻ 26، 26 ووٽ کڻي برابر رهيا. خزانچي جي عهدي تي علي رضا جت 33 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس سامهون اميدوار سني کنا 20 ووٽ حاصل ڪيا. لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي شهزاد علي سومرو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ورڪنگ ڪميٽي/انتظامي ڪاميٽي جي ميمبرن طور عبداللطيف کٽي، سجاد علي خواجه، آفتاب حسنيا پنهور، محمد آصف مغل، عبدالرحيم ميمڻ ۽ عرفان الله ميمڻ پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. چونڊن جي نتيجن جي اعلان بعد وڪيل برادري پاران ڪامياب اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون ويون.
0 تبصرے