پيپلز پارٽي نوڪري ڏني نه ئي روزگار جو ڪو وسيلو آھي، 8مهينن کان سخت بيمار آهي، واهر ڪئي وڃي: دوست محمد شورو
ٺٽو(شفيق ڀٽي)بگهاڙموري ڳوٺ حاجي محمد علي شورو جي رهائشي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پراڻي ڪارڪن دوست محمد شورو عوامي پريس ڪلب ٺٽو پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته هو سڄي زندگي پيپلز پارٽي سان وابسته رهيو آهي ۽ اڄ به پاڻ کي پ پ جو وفادار جيالو سمجهي ٿو، پر ان باوجود نه کيس ڪڏهن نوڪري ملي ۽ نه ئي روزگار جو ڪو وسيلو وٽس آھي۔ دوست محمد شورو ٻڌايو ته هو گذريل اٺن مهينن کان سخت بيمار آهي، پر هن وقت تائين ڪنهن به سندس سار نه لڌي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته هو ٽن نياڻين جو پيءُ آهي ۽ انتهائي غربت سبب سندس گهروارا فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ هن وٽ نه پنهنجو گهر آهي ۽ نه ئي ڪو اجھو، جنهن سبب سخت سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن.دوست محمد شورو موجب ڊاڪٽرن کيس چيو آھي تہ جيڪڏهن سندس معدي جو فوري علاج نه ٿيو ته ان مان ڪينسر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ علاج لاءِ لڳ ڀڳ چار لک رپين جي خرچ جو چيو آهي، جيڪو سندس وس کان ٻاهر آهي۔هن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺٽو جي اڳواڻن، خاص طور حاجي علي حسن زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سرڪاري سطح تي ڪنهن سٺي اسپتال مان سندس فوري ۽ مڪمل علاج ڪرايو وڃي، جيئن هو صحتمند ٿي پنهنجي ٻچن جو سهارو بڻجي سگھي.
0 تبصرے