ٺٽو: ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب جي سالگرهه تقريب منعقد

ٺٽو: ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ۾ ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب جي سالگرهه تقريب منعقد

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ، آل سنڌ ٽريزري ويلفيئر سوسائٽي جو صوبائي نائب صدر ۽ حيدرآباد ڊويزن جو صدر ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب جي جنم ڏينهن جي موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس ٺٽو ۾ هڪ شاندار، پروقار ۽ محبت ڀري سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب جو اهتمام ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جي عملدارن، عملي ۽ دوستن پاران ڪيو ويو، جتي خوشين، عقيدت ۽ خلوص جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر عثمان خالد، سليم گاڏهي، منظور علي چنا، آفتاب ميمڻ، محمد عمر ماجھند، غلام سرور سولنگي، جاويد گلگتي، آصف پٺاڻ، وجاهت خان، هادي جت، آصف بروهي، خالد مري، اڪبر جاکرو سميت ٻين دوستن شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب کي سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا ۽ گلن جا هار پارايا ويا، جڏهن ته سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي خوشين جو اظهار ڪيو ويو۔ آفيس جي دوستن پاران ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب لاءِ نيڪ تمنائن، سٺي صحت، دراز عمر ۽ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعائون ڪيون ويون۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر محترم عثمان خالد سميت سڀني عملدارن، عملي ۽ دوستن جو شاندار ۽ يادگار سالگرهه تقريب منعقد ڪرڻ تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ساٿين جي محبت ۽ خلوص هن لاءِ وڏو اعزاز آهي۔