مورو شهر فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ پهرين نمبر جو اعزاز ماڻي ورتو

سکر ۾ فونيڪس جو آنر عبدالغني سچل بيٽري ادريش ڪمار پاران شاندار تقريب منعقد

مورو شهر فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ پهرين نمبر جو اعزاز ماڻي ورتو

مورو(جاني جماڻي) فونيڪس بيٽري جي شاندار ڪارڪردگي سبب مورو کي پهرين نمبر تي سيل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي خوشي ۾ سکر ۾ فونيڪس جو آنر عبدالغني صاحب سچل بيٽري ادريش ڪمار پاران هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب دوران مورو واسي نامور واپاري اعجاز اليڪٽرونڪس جي سيٺ رياض حسين جويو ۽ احسان قريشي کي اسٽيج تي گهرايو ويو، جتي کين فونيڪس بيٽري جي بهترين ڪارڪردگي ۽ بهترين سيل ڪرڻ تي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو تقريب ۾ فونيڪس بيٽري جي اعليٰ عملدارن، ڊيلرز ۽ مختلف شهرن مان آيل نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقرير ڪندي ڪمپني جي ذميوارن چيو ته مورو ٽيم جي محنت، ايمانداري ۽ گراهڪن سان بهتر روين سبب فونيڪس بيٽري جي سيل ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري مورو سڄي علائقي ۾ پهرين نمبر تي رهيو۔ان موقعي تي سيٺ رياض حسين جويو ۽ احسان قريشي چيو ته هي اعزاز مورو شهر جي واپارين ۽ گراهڪن جي اعتماد جو نتيجو آهي، جن هميشه فونيڪس بيٽري کي ترجيح ڏني۔ هنن واعدو ڪيو ته مستقبل ۾ به گراهڪن کي معياري پراڊڪٽس ۽ بهترين سهولتون فراهم ڪنداسين تقريب جي پڇاڙيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي وئي، جڏهن ته مورو جي واپارين هن اعزاز کي شهر لاءِ فخر جو لمحو قرار ڏنو۔