ڏوڪري(اطهر ميمڻ)ڏوڪري ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، ڏوھ روز جو معمول بڻيل، عام ماڻهو محفوظ رهي نه سگهيا ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ سونهري جو رهواسي الطاف حسين زهراڻي پنهنجي گهرواري ۽ ننڍڙي سان ڏوڪري کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هيٿاربندن يرغمال بڻائي تشدد ڪري الطاف حسين زهراڻي ۽ سندس جي ننڍڙي اشرف خاتون ۽ سندس جي گهرواري کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن زخمين کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جڏهن ته واقعي جو اطلاع ڏوڪري ٿاڻي تي ڏنو ويو.
0 تبصرے