ضلعي سجاول ۾ ضروري شين جي اگهن جي مقرري بابت ڊي سي آفيس ۾ اجلاس ٿيو
سجاول(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاھد حسين رند جي ھدايتن تحت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد پيرل چانڊيو جي صدارت هيٺ ضلعي سجاول ۾ ضروري شين جي اگهن جي مقرري بابت اهم اجلاس ڊي سي آفيس سجاول ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بيورو آف سپلائي اينڊ پرائس، مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن ۽ هول سيل واپارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد پيرل چانڊيو لاڳاپيل عملدارن ۽ واپارين کي هدايت ڪئي ته روز مره جي استعمال واريون ضروري شين جا مناسب اگھ مقرر ڪيا وڃن تہ جيئن عام عوام خاص طور تي غريب ۽ گهٽ وسيلن وارن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن چيو ته مهانگائي جي موجوده صورتحال ۾ حڪومت عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به واپاري کي ناجائز منافع خوري جي اجازت نه ڏني ويندي. اي ڊي سي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽن ۽ بازارن جا باقاعده دورا ڪري ضروري شين جو وڪرو مقرر ڪيل اگهن تي يقيني بنائين، جڏهن ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ واپارين پڻ انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ سرڪاري اگهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. انتظاميا پاران واضح ڪيو ويو ته عوامي شڪايتن تي فوري نوٽيس ورتو ويندو ۽ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نگراني جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
0 تبصرے