سجاول سول اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ رينڊر سروس ملازمن جو احتجاج

8ورهين کان ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهيون: فياض آرائين ۽ ٻيا

سجاول سول اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ رينڊر سروس ملازمن جو احتجاج

سجاول(رپورٽر)سجاول اسپتال ۾ ڊيوٽيون سرانجام رينڊر سروس ملازم سراپا احتجاج، سجاول اسپتال ۾ اٺ سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڊيوٽيون ڪندڙ سروس رينڊر ملازم سورج سجاولي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو فياض آرائين زمان لغاري صالح رند جبار پنھور جاويد ڀاند ارشاد بيبي ٻين ملازمن احتحاج ڪندي چيو ته اسان مسلسل پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ڪري رھيا آھيون اسان کي ڊيوٽيون ڪندي اٺ سال گذري ويا آھن پر اڃان تائين اسان کي پڪو ناھي ڪيو ويو سان پيپلزپارٽي جي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي پڪو ڪري اسان جي بيچني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين